125

ملٽري لينڊ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڪيس، سيڪريٽري دفاع کان جواب طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ملٽري لينڊ ڪمرشل مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بابت ڪيس ۾ سيڪريٽري دفاع کان 30 نومبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آھي، دفاع واري سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي ڄاڻايو ته اسان فيصلو ڪيو آهي، آئنده ائين نه ٿيندو، چيف جسٽس، جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته زمين اسٽريٽجڪ ۽ دفاعي مقصدن لاءِ الاٽ ٿي پر اُتي شادي هالز، سينيما ۽ هائوسنگ سوسائيٽيز ٺهي ويون، ڇا اهو سڀ ڪجهه دفاعي مقصدن لاءِ ٿيو؟، جسٽس قاضي امين دفاع واري سيڪريٽري کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان جو مقصد جيڪو ڪجهه ٿي چڪو اهو ختم نه ٿيندو، رڳو آئنده نه ڪندو، سيڪريٽري صاحب! جيڪو ڪيو اٿو اهو ختم ڪرڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو