84

ڪورونا جي نئين خطرناڪ قسم”اوميڪرون“ پوري دنيا ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو،پاڪستان 6 ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) افريڪا ۾ پيدا ٿيل ڪورونا جي نئين خطرناڪ قسم”اوميڪرون“ پوري دنيا ۾ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري پاڪستان 6 ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن.  ڪورونا وائرس جو اهو نئون قسم ڏکڻ افريڪا جي هڪ صوبي ۾ دريافت ٿيو آهي، هيل تائين جي انگن اکرن موجب ان جا ڪيس ڏکڻ افريڪا کان سواءِ بوٽسوانا، هانگ ڪانگ، بيلجيئم ۽ اسرائيل ۾ به سامهون اچي چڪا آهن ۽ امڪان آهي ته اهو دنيا جي ٻين ملڪن تائين به پکڙجي ويندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ۾ اوريجنل ڪورونا وائرس جي ڀيٽ ۾ ايتري  قدر تبديليون اچي چڪيون آهن جو ڪورونا جي هيل تائين ٺاهيل ويڪسينز جو اثر 40 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي سگهي ٿو. ماهرن موجب ان ويرينٽ ”اوميڪرون“ جو مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ حيران آهيون، ڇو ته اسان اڳ اهڙو خطرناڪ قسم نه ڏٺو آهي. شروعاتي طور ڪورونا وائرس جي ان نئين ويرينٽ کي B.1.1.529 جو نالو ڏنو ويو هو پر پوءِ صحت جي عالمي اداري طرفان ان کي ”اوميڪرون“  OMICRONجو نالو ڏنو ويو ۽ ماهرن جو چوڻ آهي ته ويڪسين ڪرائڻ کان پوءِ به ماڻهو  ان سان متاثر ٿي سگهن ٿا. چيو پيو وڃي ته اهو وائرس ان ڪري سڀني کان خطرناڪ آهي، ڇو ته اهو تيزيءَ سان پکڙجڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ان خلاف ويڪسين به بي اثرائتي ٿي ويندي. ٻي پاسي پاڪستان ڪورونا وائرس جي نئين قسم ”اومي ڪرون“ جي پکيڙ کي ڏسندي هانگ ڪانگ ۽ 6 آفريقي ملڪن تي سفري پابنديون هڻي ڇڏيون آهن. ڪورونا خلاف اداري نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب هانگ ڪانگ، ڏکڻ افريڪا، موزمبيق، نميبيا، ليسوٿو، اسواتيني ۽ بوٽسوانا تي سفري پابنديون هنيون ويون آهن. اين سي او سي جو چوڻ آهي ته سڀني ملڪن کي ڪيٽيگري سي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهن ملڪن مان مسافرن جي اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي. اداري موجب ايمرجنسي ۾ سفر ڪندڙ پاڪستانين کي سفر جي اجازت وٺڻي پوندي ۽ پاڪستاني مسافرن کي ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ايئرپورٽ تي ڏيکارڻو پوندو. اين سي او سي چيو آهي ته پاڪستاني مسافرن کي 72 ڪلاڪ اڳ جي پي سي آر رپورٽ ڏيکارڻي پوندي، جڏهن ته ايئرپورٽ تي مسافر جي ريپڊ اينٽي جين ٽيسٽ ڪئي ويندي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب پابندي هيٺ آيل ملڪن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي کي 5 ڊسمبر تائين اچڻ جي اجازت آهي جنهن کان پوءِ مسافرن تي صحت ۽ ٽيسٽنگ پروٽوڪول لاڳو ٿيندا. متاثر ملڪن مان ايندڙ پاڪستانين کي ڪورونا نه هئڻ جي پڪ ٿيڻ باوجود انهن کي پاڪستان ۾ پهچڻ کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين قرنطينه ۾ رهڻو پوندو ، ٽن ڏينهن کان پوءِ سندن ٻيهر ٽيسٽ ڪئي ويندي، ٽيسٽ ۾ ڪورونا ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي وڌيڪ 10 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻو پوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو