83

وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي جي شهرين کي گرين لائين منصوبي کي آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اسد عمر لکيو ته هن ڪالهه ڪراچي گرين لائين منصوبي جو تفصيلي جائزو ورتو، ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ڪراچي گرين لائين منصوبو آزمائشي آپريشن لاءِ تيار ٿي ويندو، اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ته ٽرائل کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ڪراچي ايندو ۽ گرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪندو، ٻن هفتن جي آزمائش کانپوءِ ڪراچي گرين لائين جو ڪمرشل آپريشن 25 ڊسمبر تي شروع ڪيو ويندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو