117

ججن جي سيمينار ۾ خاص مهمان ان کي مقرر ڪيو ويو جنهن کي سپريم ڪورٽ سزا ڏني: وزيراعظم

جهلم (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ججن جي سيمينار ۾ خاص مهمان ان کي مقرر ڪيو ويو جنهن کي سپريم ڪورٽ سزا ڏني، جهلم ۾ القادر يونيورسٽي جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪلونيل ازم جي ڪري مسلمان دنيا ۾ ذهني غلام آهن، اسان جو تعليمي نظام ۾ فرق ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيو آهي،  اولهه ڪلچر تباهي جو سبب آهي، ملڪي سياست ۾ جيترا به ماڻهو اڳ ۾ آيا آهن،  انهن کي ڪو به نه پيو سڃاڻي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته  ايماندار شخص گهڻين پابندين کان آزاد هوندو آهي، خود غرض ۽ بزدل انسان ڪڏهن ليڊر نه ٿو بڻجي سگهي، ڪرپشن کي برائي نه سمجهندڙ وارو معاشرو ڪڏهن هلي نه ٿو سگهي، جڏهن ليڊر پئسا چوري ڪري ته عذاب ايندو آهي، وزيراعظم چيو ته جنهن معاشري ۾ اخلاقيات نه هجي اهو معاشرو تباهه ٿي ويندو آهي، نوجوانن کي سيرت النبي صه ذريعي اخلاقي تربيت ڪرڻي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو