ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت غير قانوني رهائشي عمارتن کي قانوني تحفظ ڏيڻ لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڪراچي سميت صوبي ۾ رهائشي يونٽس کي ٻِيهر ريگيولرائيزڊ ڪرڻ جي لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب تجويز ڪيل آرڊيننس ذريعي هڪ مقرر عرصي دوران سمورن غير واپاري تعميرن کي قانوني تحفظ ڏنو ويندو، ضابطي جي خلاف رهائشي عمارتن لاءِ آرڊيننس ذريعي ڪميشن جوڙي ويندي، شرطن تحت ريگيولرائيزڊ ڪندي، سرڪاري زمين تي ٺهيل رهائشي عمارتن خلاف قاعدا ۽ قانون ڪميشن ئي طئي ڪندي، سزا جو طريقو تجويز ڪيو ويندو. آئين تحت سنڌ ڪابينا مان منظوري کانپوءِ تجويز ڪيل آرڊيننس توثيق لاءِ سنڌ جي گورنر کي موڪليو ويندو، گورنر جي منظوري کانپوءِ آرڊيننس طور لاڳو ٿيندو. سنڌ حڪومت جو تجويز ڪيل آرڊيننس سنڌ اسيمبلي مان قرارداد ذريعي منظور ڪرايو ويندو، ڪميشن ۾ رٽائرڊ جج به شامل هوندا، جيڪي طئي ڪندا ته ڪهڙيون رهائشي عمارتون ريگيولرائيزڊ ڪرڻيون آهن.
103