100

ڪرتارپور گوردواري احاطي ۾ ماڊلنگ جو وڏي وزير نوٽيس ورتو

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار سکن جي مذهبي هنڌ ڪرتارپور گوردواري جي احاطي ۾ ماڊلنگ واقعي جو نوٽيس ورتو، معاملي جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. ٻئي طرف اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ڊزائنر ۽ ماڊل کي سک برادري کان معافي وٺڻ گهرجي، ڪرتارپور ڪو فلم سيٽ ناهي، هڪ مذهبي هنڌ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو