102

پئسا ڏئي ووٽ وٺڻ جو الزام ثابت ٿيو ته ضمني چونڊ ملتوي يا اميدوار نااهل ٿي سگهي ٿو: اليڪشن ڪميشن

لاهور (م ڊ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته پئسا ڏئي ووٽ وٺڻ جو الزام ثابت ٿيو ته ضمني چونڊ ملتوي يا اميدوار نااهل ٿي سگهي ٿو، لاڳاپيل کاتن جي رپورٽن ۾ اين اي 133 جي ضمني چونڊ ۾ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ثابت ٿي ته ڪارروائي ٿيندي، ووٽن جو خريد ۽ وڪرو ثابت ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن اسلام آباد کي موڪلي ويندو، چونڊ ملتوي ٿي سگهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته پئمرا چيئرمين، نادرا چيئرمين، آءِ جي پوليس ۽ ڪمشنر لاهور کي وڊيو جي فرانزڪ ۽ ماڻهن جي نشاندهي جو حڪم ڏنو آهي، رٽرننگ آفيسر کي اڄ 30هين نومبر تائين فرانزڪ ۽ ڪارروائي جي لکت رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو