اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جا سمورا تعليمي ادارا اڄ احتجاج طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس تحت تعليمي ادارن کي ميونسپل ڪارپوريشن ماتحت ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويندو، فيڊرل گورنمينٽ ايجوڪيشن جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين چيو آهي ته حڪومت آرڊيننس تحت تعليمي ادارن کي ميئر جي ماتحت ڪيو آهي، خدشو آهي ته ملازمن جو سول گورنمينٽ جو اسٽيٽس ختم ڪيو ويندو. ٻئي طرف تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته تعليمي ادارا مقامي حڪومتن جي اثر هيٺ ڪرڻ سان استادن جي نوڪرين، رعائتن ۽ حقن تي ڪو به اثر نه پوندو. هو پروٽيڪٽ هوندا. گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي شفقت محمود چيو ته تبديلي سبب استادن ۾ ڳڻتي ڏٺي وڃي ٿي. سڄي دنيا ۾ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم مقامي حڪومتن وٽ هوندي آهي ۽ اسان پڻ سمجهون ٿا ته هتي به ايئن ٿئي جيڪو پوري دنيا ۾ لاڳو آهي. هن چيو ته ان سان اسڪولن جي معيار تي ڪو به اثر نه پوندو. وفاقي وزير چيو ته استادن جي ملازمتن، رعائتن ۽ حقن کي ڪو به نقصان نه پهچندو. هن وقت وفاقي حڪومت جا سرڪاري اسڪول وزارت تعليم جي انتظام هيٺ هلي رهيا آهن جن کي آرڊيننس ذريعي مقامي حڪومتن کي ڏنو پيو وڃي.
112