110

بجلي 4 رپيا 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد (م ڊ) بجلي 4 رپيا 75 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي، نيپرا آڪٽوبر جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ درخواست تي ٻڌڻي ڪندي، سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي نيپرا کي آڪٽوبر مهيني لاءِ درخواست ڏني هئي، سي پي پي اي موجب آڪٽوبر ۾ ڊيزل مان 25 رپيا 22 پئسا ۽ فرنس آئل مان 22 رپيا 21 پئسا  في يونٽ مهانگي بجلي پيدا ڪئي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو