پشاور ( م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته جيڪي عدالت کي فون ڪري دٻاءُ وجهندا هئا ته بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي 20-20 سال سزا ٻڌايو، اڄ انهن خلاف آڊيو ٽيپس نڪري رهيون آهن. عمران خان ايترو ظلم ڪري جيترو سهي به سگهي، ووٽن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، ٽئين رستي کان حڪومت ۾ اچڻ نه ٿا گهرون. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي يومِ تاسيس جي موقعي ته پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.پاڪستان پيپلز پارٽي جي ان جلسي کي مقامي انتظاميه روڪڻ جون ڪوششون پڻ ڪيون پر پيپلز پارٽي اهو تاريخي جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو بلاول 10 ڊسمبر تي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ 17 ڊسمبر تي گئس بحران خلاف احتجاجي مظاهرا ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو. جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سازش ڪندڙن کي سازش ڪرڻ ڏيو، ٽيپ آڻيندڙ ٽيپ آڻيندا رهن، اسان عوامي طاقت سان حڪومت ٺاهينداسين، اسان کي خوشي نه آهي ته اڄ انهن خلاف ٽيپس نڪري رهيون آهن، ٻين کي چور سڏيندڙ پاڻ سرٽيفائيڊ چور ٿي ويا آهن، اهي جيڪي عدالت کي فون ڪري دٻاءُ وجهندا هئا ته بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري کي 20-20 سال سزا ٻڌايو، اڄ انهن خلاف آڊيو ٽيپس نڪري رهيون آهن. ميد ته عدليه اهڙا فيصلا ڏيندي جو اها روايت همشيه لاءِ ختم ٿي وڃي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته سليڪٽڊ پيپلز پارٽي کي پشاور ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني. ڪاغذي وڏي وزير جلسو روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. عمران خان ايترو ظلم ڪري جيترو برداشت ڪري سگهي. اڄ عوام جو ميڙ ڏسو، سمورو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهن. پي ڊي ايم جو پشاور وارو جلسو به ناڪام رهيو. بلاول ڀٽو چيو ته موجوده حڪومت اميرن کي رليف، غريبن کي تڪليف ڏيندي آهي، تحريڪ انصاف ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٿيل معاهدي جو وزن عام ماڻهو مٿان وڌو ويو جنهن جي اسان گذريل 3 سالن کان مخالفت ڪري رهيا آهيون. هي ڊيل غيرقانوني آهي. سليڪٽڊ جي ناڪام معاشي پاليسين سبب هر طبقو پريشان آهي. موجوده حڪومت هر شعبي ۾ ناڪام رهي آهي. هي حڪومت آءِ ايم جي غلامي ۾ مصروف آهي. نئين پاڪستان ۾ جمهوري، انساني ۽ معاشي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هر پاڪستاني کي خبر آهي ته تبديلي جو اصل چهرو تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي. پ پ چيئرمين چيو ته پرڏيهي پاڪستانين جي نالي تي گيم کيڏي پئي وڃي. عمران خان چونڊ سڌارن جي نالي تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين خلاف سازش پيو ڪري پر اسان سدائين انهن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ڇو ته اهي اسان جا ماڻهو آهن. اسان صاف ۽ شفاف چونڊون چاهيون ٿا. ٽين رستي کان حڪومت ۾ اچڻ نه ٿا گهرون. اسان عوامي طاقت سان حڪومت ٺاهينداسين. اي وي ايم ٻيو آر ٽي ايس آهي. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ ڌار اليڪٽورل ڪاليج هجڻ گهرجي. اسان چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو پارليامينٽ ۾ پنهنجو نمائندو هجڻ گهرجي. اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پيرس ۾ ووٽ وڌو وڃي ۽ ان جو نتيجو پشاور ۾ نڪري. بلاول چيو ته موجوده حڪومت دهشتگردن جي سامهون جهڪي چڪي آهي. هي ماڻهو ڪير ٿيندا آهن قاتلن سان ڳالهيون ڪندڙ؟ جيڪي سنگين ڏوهن ۾ ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي. جنهن اي پي ايس جي ٻارن کي شهيد ڪيو انهن سان حڪومت ڳالهيون ڪري رهي آهي. ٻي پاسي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پشاور ۾ ڪامياب جلسو ڪرڻ تي جيالن کي مبارڪون ڏيان ٿو. انهن جي ئي محنت سان خيبرپختونخوا جو ايندڙ وڏو وزير توڙي گورنر جيالو ئي ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختون خوا جي عوام ۽ ڀٽو جو لاڳپو ٽن نسلن کان آهي. ذولفقار علي ڀٽو وانگر ان جا سياسي جانشين پڻ عوام سان عشق ڪن ٿا. هن چيو ته قوم مايوس نه ٿئي پيپلز پارٽي ميدان ۾ موجود آهي، پختونن کي سندن سڃانپ ملي چڪي آهي، هاڻي ان جي نوجوانن کي روشن مستقبل پڻ ڏيندي، جيئي ڀٽو جو نعرو مخالفن لاءِ مايوسي جو ڪارڻ آهي.
105