پشاور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پشاور ۾ ڪامياب جلسو ڪرڻ تي جيالن کي مبارڪون ڏيان ٿو. انهن جي ئي محنت سان خيبرپختونخوا جو ايندڙ وڏو وزير توڙي گورنر جيالو ئي ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته خيبر پختون خوا جي عوام ۽ ڀٽو جو لاڳپو ٽن نسلن کان آهي. ذولفقار علي ڀٽو وانگر ان جا سياسي جانشين پڻ عوام سان عشق ڪن ٿا. هن چيو ته قوم مايوس نه ٿئي پيپلز پارٽي ميدان ۾ موجود آهي، پختونن کي سندن سڃانپ ملي چڪي آهي، هاڻي ان جي نوجوانن کي روشن مستقبل پڻ ڏيندي، جيئي ڀٽو جو نعرو مخالفن لاءِ مايوسي جو ڪارڻ آهي.
