106

ووٽنگ مشين سان چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جا فنڊ روڪڻ جو فيصلو،عمران خان وزيرن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي ڪابينا ووٽنگ مشين سان چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جا فنڊ روڪڻ جو فيصلو  ڪري ورتو آهي، جڏهن ته عمران خان سمورن وزيرن کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ۾ ملڪ جي معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، ڪورونا جي نئون خطرناڪ قسم کي منهن ڏيڻ تي غور پڻ ڪيو ويو. اجلاس ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون جي حوالي سان ڪابينا کي بريف ڪيو. وزيراعظم عمران خان ايندڙ 3 کان 4 مهينا معاشي معاملن لاءِ اهم قرار ڏئي سمورن وزيرن کي  پرڏيهه جي دورن تي وڃڻ کان روڪي پنهنجي پنهنجي وزارتن ۾ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اهو قسم ڏکڻ افريڪا کان شروع ٿيو آهي. شروعاتي اطلاعن جي بنياد تي ان جي پکڙڻ جي شرح گهڻي تيز آهي. ڪابينا عوام جي تحفظ جي لاءِ ماسڪ جي استعمال، سماجي فاصلي ۽ ويڪسي نيشن لاءِزور ڀريو. اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين متعارف ڪرائڻ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو اختيار ڏيڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ووٽنگ مشينون حاصل ڪرڻ، عملي جي ٽريننگ، لاڳاپيل ادارن جي ذميوارين، عوامي آگاهي مهم ۽ مقرر وقت ۾ پهچ بابت بريفنگ ڏني. ڪابينا تڪ اين اي 133 ۾ ضمني چونڊن دوران ووٽ خريد ڪرڻ جي معاملي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪابينا چيو ته اهڙي قسم جا غيرقانوني قدم جمهوريت جي ابتڙ آهن. شفافيت کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڪابينا ڪورونا وبا جي لاءِ پئڪيج بابت آڊٽ رپورٽ ۾ ظاهر ٿيل معاملن جي لاڳاپيل کاتن کان وضاحت پڻ گهري ورتي آهي. ناڻي واري صلاحڪار وفاقي ڪابينا کي ضرورت جي شين جي قيمتن جو تقابلي جائزو پيش ڪيو. هفتيوار مهانگائي جي شرح ۾ 0.67 سيڪڙو گهٽتائي آئي، 05 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته خطي ۾ گيهه ۽ چانهه جي پتي جي قيمتن کانسواءِ ٻين سمورين گهريلو استعمال جي شين جون قيمتون پاڪستان ۾ گهٽ آهن. انهن شين ۾ اٽو، چڻا، دال ماش، دال مڱ، ٽماٽا، بصر، چڪن ۽ پيٽرول شامل آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اٽو، کنڊ، دال مڱ ۽ چڻن جي دال جي قيمت سنڌ ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ ڪافي وڌيڪ آهي. ڪابينا سنڌ ۾ ضرورت جي شين جي وڌندڙ قيمتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پيٽروليم ڊويزن ڪابينا کي ذيلي ادارن م ايم ڊي ۽ سي اي او جي خالي جاين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت 4 جايون خالي آهن جن تي مقررين جو عمل جاري آهي. صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ڪابينا کي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده اسٽاڪ ۽ قيمتن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته  گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال ڀان ڪمپنين سنڌ جي ڊيلرز کي 53 سيڪڙو وڌيڪ ڀاڻ جاري ڪئي جنهن جي ڪري پنجاب ۽ باقي علائقن ۾ يوريا جي کوٽ ٿي ۽ قيمت وڌي وئي هئي.  هوابازي واري وزارت جي سفارش تي ڪابينا ميسرز سرينا ايئر، ميسر ايئر بليو، ميسرز پي آءِ اي سي ايل ۽ ميسرز پرنڪلي جيٽس کي قومي هوابازي پاليسي 2019ع تحت هوابازي لائيسنس جي تجديد جي منظوري ڏني.  ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي سول ايوي ايشن اٿارٽي رولز تحت هوائي اڏن جي ڀرپاسي ۾ قائم ڊگهين عمارتن جي حد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. اسلام آباد بليو ايريا ۾ عمارتن جي بلندي جي حد 1000 فٽ مقرر ڪئي وئي آهي.  ڪابينا اداراجاتي سڌارن باتب ڪميٽي جي 12 نومبر 2021ع تي ٿيل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا توانائي بابت ڪميٽي جي 18 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. توانائي بابت ڪميٽي گئس لوڊ مئنيجمينٽ پلان سردي جي موسم 22 – 2021ع ۽ ڪيماڙي ڪراچي ۾ تيل ڊپو قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. ملڪ ۾ نڪرندڙ گئس کي گهريلو صارفين جي لاءِ ئي مخصوص رکيو ويندو ڇو ته ان جي قيمت گهٽ هوندي آهي. سي اين جي سيڪٽر کي پهرين ڊسمبر 2021ع کان 15 فيبروري 2022ع تائين بند رکيو ويندو.  وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير فواد  چوڌري چيو ته وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي،  حڪومت ان ئي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کي فنڊ جاري ڪندي، جڏهن چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحت ٿينديون. هن چيو ته ڪورنا جو نئون قسم اومي ڪرون ڏهوڻ تي تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي، اهو پاڪستان ضرور ايندو. اسين ان کي به شڪست ڏينداسين پر عوام ماسڪ جو استعمال ڪري ۽ بنا دير ويڪسين لڳرائي. ڪورونا رليف پيڪيج جي آڊٽ رپورٽ تي فواد چوڌري چيو ته ناڻي واري وزارت پهرئين ڏينهن ئي ٻڌايو ته آڊٽ پيراز دست ناهن، آڊٽ اعتراضن تي ثانيا نشتر تفصيلي بريفنگ ڏني. هن چيو ته احساس پروگرام ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پئسا جاري ٿيا پر استعمال نه ٿيا، ڪورونا فنڊ جي ذميوار ٽنهي ايجنسين کي چيو آهي ته ان تي تفصيلي رپورٽ ڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو