117

منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، خبر نه آهي ڪيئن ليڪ ٿيو؟ شايع ڪرڻ لاءِ مون نه ڏنو:رانا شميم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ بيان ڏنو آهي ته منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، ڪنهن کي به شايع ڪرڻ لاءِ نه ڏنو هو ۽ خبر نه آهي ته ڪيئن ليڪ ٿيو. اڱاري ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس رانا شميم جي حلفي بيان تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ رانا شميم عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس اطهر من الله، رانا شميم کي روسٽرم تي گهرائي سوال ڪيو ته ڇا توهان لکت ۾ جواب جمع ڪرايو آهي؟ جنهن تي رانا شميم چيو منهنجو وڪيل ٻڌائيندو ته جواب داخل ڇو نه ٿي سگهيو، منهنجي ڀاءُ جو چاليهو آهي، ان کان پوءِ ٻڌڻي رکو. چيف جسٽس چيو ته توهان 3 سالن کان وءِ حلفي بيان ڏنو آهي، اخبار توهان جو حلف نامو عوام تائين پهچايو آهي، جنهن تي رانا شميم جواب ڏنو ته حلف نامو شايع ٿيڻ کاننپوءِ مون سان رابطو ڪيو ويو ته مون ڪنفرم ڪيو، منهنجو حلفي بيان مهر بند هو، مون کي خبر نه آهي ته اهو ڪيئن ليڪ ٿيو؟ چيف جسٽس اطهر من الله رانا شميم کان پڇاڻو ڪيو ته توهان حلفي بيان انهن کي نه ڏنو؟ جنهن تي هن چيو ته نه مون حلفي بيان اشاعت لاءِ نه ڏنو. جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته توهان لنڊن ۾ حلفي بيان ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو؟ عدالت توهان کي 5 ڏينهن جي مهلت ڏئي رهي آهي، پنهنجو جواب جمع ڪرايو، توهان 3 سالن کان پوءِ حلفي بيان ڪهڙي مقصد لاءِ ڏنو ؟ توهان عوام جو عدالت تان ويساهه کڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، توهان کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي، پنهنجو جواب لکت ۾ڏيو. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل اپيل ڪئي ته رانا شميم کي اصل حلف نامو جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي، جنهن تي اڳوڻي چيف جسٽس چيو ته مون کي خبر ناهي ته جيڪو حلفي بيان رپورٽ ٿيو اهو ڪهڙو آهي؟ آئون اڳ ۾ رپورٽ ٿيل حلفي بيان ڏسي وٺان. رانا شميم جي جواب تي اٽارني جنرل چيو ته جنهن شخص حلف نامو ڏنو، ان کي ياد نه آهي ته حلف نامي ۾ ڇا لکيل آهي، جيڪڏهن کيس خبر نه آهي ته پوءِ اهو حلفي بيان ڪنهن تيار ڪرايو؟ اٽارني جنرل چيو اها ڳالهه رڪارڊ تي آڻيو ته کيس اها خبر نه آهي ته حلفي بيان ۾ ڇا آهي، 10 نومبر تي حلفي بيان ڏنو ويو ۽ اڄ وري چيو پيو وڃي خبر نه آهي ان ۾ ڇا لکيل آهي؟ عدالت چيو ته رانا شميم شوڪاز جو تحريري جواب به جمع ڪرائي، مان توهين عدالت تي يقين نٿو رکان، ججن تي تنقيد ٿيڻ گهرجي، سياسي مقسصدن لاءِِ گهٽ ۾ گهٽ هاءِ ڪورٽ کي بدنام ڪرڻ کان پاسو ڪريو. اٽارني جنرل جي موقف تي عدالت رانا شميم کي اصل حلفي بيان سان گڏ لکتجواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو