105

پيٽروليم ليوي ۾في لٽر تي 4 روپين جي واڌ، اگهه گهٽائڻ بدران ساڳيا ئي برقرار

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾اگهه گهٽائڻ بدران ساڳيا ئي برقرار رکي ڇڏيا آهن ۽ پيٽروليم ليوي ۾في لٽر تي4 روپين جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ لاٿ کان پوءِ پاڪستان ۾ ان جي حساب سان في لٽرتي 6 روپيا گهٽ ٿين ها پر  حڪومت اگهه گهٽائڻ بدران ان ۾ ليوي شامل ڪري ڇڏي آهي. ليوي لڳائڻ جو فيصلو آءِ ايم ايف سان قرضن واري معاهدي هيٺ انهن جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويلپمينٽ ليوي جي شرح 9 روپيا 62 پئسن مان وڌائي 13 روپيا 62 پئسا ڪئي وئي آهي.اهڙي ريت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جو اگهه 145 روپيا لٽر ئي برقرار رکيو ويو آهي ۽ تيل جي ٻين قسمن جا اگهه به ساڳيا ئي رهندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو