115

سنڌ مان روٽيشن پاليسي تحت بدلي ڪيل 4 ڪامورا پهنجين آفيسن ۾ پهتا

ڪراچي (رپورٽ: وحيد ميمڻ) سنڌ مان روٽيشن پاليسي تحت بدلي ٿيل 4 ڪامورا وڏي وزير جي هدايت کانپوءِ ڪالهه پنهنجي آفيسن ۾ پهتا، هڪ ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه طرفان روٽيشن پاليسي تحت بدلي ٿيل ڪامورن کي هڪ ليٽر ذريعي هدايت ڪئي وئي هئي ته اهي سنڌ ۾ پنهنجا چارج نه ڇڏين، جنهن کانپوءِ ذريعن موجب ڪالهه چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ بورڊ سيد حسن نقوي، زاھد علي عباسي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر پي پي ايچ آئي، ڪاظم حسين جتوئي سيڪريٽري مائينز منرل، سيد خالد حيدر شاھ سيڪريٽري ڪاليج ايجوڪيشن پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ پهتا ۽ ڪم ڪار ڪيو. ياد رهي ته روٽيشن پاليسي ٽهٽ بدلي ٿيل ڪامورن اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي خط کانپوءِ پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو هو، هڪ ڏينهن اڳ وڏي وزير جي هدايت کانپوءِ 4 ڪامورا ڪالهه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ موجود پنهنيج آفيسن ۾ پهتا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو