129

عدالتون پنهنجي خلاف هلندڙ مهم جو نوٽيس وٺن: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ن ليگ ادارن خلاف پروپيگنڊه ڪري پئي، عدالتون پنهنجي خلاف هلندڙ مهم جو نوٽيس وٺن، وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رانا شميم چوي ٿو  حلفيه بيان سندس جو ناهي، اميد ته عدالتون ان معاملي کي منطقي انجام تائين پهچائينديون،پي ڊي  ايم وارا برساتي ڏيڏر آهن، سياري ۾ ٻاهر اچن ٿا ۽ گرمي ۾گم ٿي ويندا آهن، مريم نواز جي آڊيو تي رپورٽ سڀاڻي ملندي، هن چيو ته  گيس جي ذخيرن ۾ 90 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، سڄي ملڪ ۾ رڳو 28 سيڪڙو ماڻهن کي گيس ملي پئي، او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس پاڪستان ۾ ٿيندو، تبليغي ويزا 120 مان وڌائي 150 ڏينهن ڪئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو