ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ايمي ڪورونا خدشي سبب 15 ڏينهن لاءِ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون، اسڪول کليل رهندا، سي ڪيٽيگري ۾ شامل ضلعن ۾ هوٽلن تي 50 سيڪڙو سيٽون خالي رهنديون، شادين ۾ 300 ماڻهن جي شرڪت جي اجازت هوندي، رپورٽ موجب سنڌ حڪومت وائرس جي خدشي ۽ ويڪسينيشن مهم ۾ سستي ڪرڻ تي سي ڪيٽگري ۾ شامل ضلعن ۾ پابنديون وڌائي ڇڏيون آهن، سي ڪيٽيگري ضلعن جي هوٽلن ۾ 50 سيڪڙو سيٽون خالي رکڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي، ڪراچي ۾ ان ڊور ڊائنگ لاءِ 30 سيڪڙو سيٽون خالي رکڻ جي پابندي هوندي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهن جي شادي اجتماعن ۾ شرڪت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪراچي ڊويزن، سانگهڙ ۽ سکر ضلعن ۾ 500 کان وڌيڪ ان ڊور اجتماعن جي اجازت هوندي، سياحت، تفريح پارڪ، سوئمنگ پولز ۽ فلائيٽ ۾ سفر کي ڪورونا ويڪسين سان مشروط ڪيو ويو آهي، سئنيما هالز ۾ ويڪسينيڊ ماڻهن جي داخلا جي اجازت هوندي، ڪاروبار مرڪز رات جو ڏهين وڳي تائين کليل رهندا، جڏهن ته سمورا تعليمي ادارا بدستور کليل رهندا، سنڌ ۾ وبائي مرض ايڪٽ تحت نيون پابنديون 15هين ڊسمبر تائين لاڳو هونديون.
121