137

سنڌ حڪومت پاران ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي داخلائن لاءِ پاڪستان ميڊيڪل جا حڪم رد، صوبي ۾ پنهنجو قانون ”پي ايم سي“ ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي (م ڊ)  سنڌ حڪومت ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي داخلائن جي لاءِ پاڪستان ميڊيڪل  جي  حڪم کي مڪمل طور رد ڪندي صوبي ۾ پنهجو قانون پي ايم سي ڪميشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، صحت کاتي جي ذريعن موجب  ميڊيڪل ۽ ڊينٽل جي داخلائن جي معاملي کي قانوني شڪل ڏيڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، پي ايم سي داخلا ٽيسٽ ايم بي ڪيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تائين  ميرٽ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،ان فيصلي کي قانون شڪل ڏيڻ جي لاءِ صحت کاتي سمري تيار ڪري وڏي وزير کي موڪلي ڇڏي، ڪابينا مان پڻ منظور ڪرائي ويندي،صوبائي ڪابينا جي فيصلي کانپوءِ سنڌ ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي داخلائن جو مرحلو شروع ٿي ويندو، پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ايم ڊي ڪيٽ ۾ 65 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪندڙن کي داخلا جي لاءِ اهل قرار ڏنو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو