ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌي ميڊيا گروپ جي سڏ تي سنڌو تهذيب جا وارث اڄ پنهنجي ثقافتي عيد جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا، سموريون تياريون مڪمل ٿي ويون، سڄي سنڌ جا واهڻ ۽ وستيون سجائجي ويون، رپورٽ موجب سنڌي قوم جي ثقافتي ڏهاڙي تي نوجوان، ٻارڙا، ٻڍڙا توڙي عورتون پنهنجي پسند جا ثقافتي ويس پائي عيد وانگر تيار ٿيندا، ثقافتي عيد جي رات سنڌ جي مختلف شهرن مان ريليون ڪڍيون ويون، جڏهن ته قومي گيتن تي نوجوانن ۽ ٻارڙن جهمريون هنيون، ان موقعي تي ڌرتي امڙ تي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ثقافتي ڏهاڙي تي صبح جي شروعات سنڌ امڙ جي خوشحالي ۽ سلامتي جي دعائن سان ٿيندي، جنهن کانپوءِ ڪراچي کان وٺي ڪشمور ۽ ڪينجهر کان وٺي ڪارونجهر تائين جي سمورن ننچن توري وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ريليون ڪڍيون وينديون، روزاني ”سوڀ“ ۽ ڌرتي ٽي وي پاران مختلف شهرن ۾ تقريبون ٿينديون، ”سوڀ“ جي رپورٽرن ۽ علائقي جي مختلف تنظيمن جا اڳواڻ درگاهن ۽ تاريخي ماڳن تي ميلا مچائيندا. ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، دادو، سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، شڪارپور، ٿرپارڪر، ٽنڊو الهيار ۽ ٺٽي ۾ سوڀ جي ضلعي رپورٽرن جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪرنديون، ٻئي طرف بدين، ٽنڊو محمد خان، سجاول، لارڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، شهيد بينظير آباد، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ مان ثقافتي ويس پائي ڌرتي ڌڻي نڪرندا، جڏهن ته مٽياري، ميرپورخاص، سانگهڙ، عمرڪوٽ، گهوٽڪي ۽ نوشهرو فيروز مان ضلعي توڙي تعلقي رپورٽرن جي اڳواڻي ۾ ريليون نڪرنديون، ان حوالي سان سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، پوري سنڌ ۾ مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن توڙي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهو ريليون ڪڍندا، پريس ڪلبن سميت اهم هنڌن تي پهچي وڏا ميڙ ڪري پنهنجي ثقافت کي اجاگر ڪندا.ان موقعي تي قومي گيتن تي مختلف فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، هوڏانهن پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو ثقافتي ڏهاڙي تي سنڌي قوم کي واڌايون ڏنيون آهن. بلاول ڀٽو چيو آهي ته سنڌ جي ثقافت انساني تاريخ جي هڪ عظيم تهذيب جو عڪس ۽ تسلسل آهي. سنڌ جا ماڻهو تاريخي طور بهادر، رواداري پسند، مهمان نواز ۽ وڏي دل جا مالڪ رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ثقافتي ڏهاڙا ملهائڻ سان معاشري ۾ ڀائيچاري کي هٿي ملي ٿي، سهپ ۽ ايڪي جهڙا لاڙا پڻ سگهارا ٿيندا آهن. پي پي پي چيئرمين چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته پاڪستان جي هر صوبي ۽ علائقي جي ثقافت جي هڪ الڳ سڃاڻپ ۽ اهميت آهي، پاڪستان جي نوجوانن کي پنهجي ثقافتي ورثي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
118