110

سنڌي ثقافت پاڪستان جي گلدستي ۾ خوبصورت گل آهي: فريال ٽالپر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر چيو آهي ته سنڌي ثقافت پاڪستان جي گلدستي ۾ خوبصورت ترين گل آهي، ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پ پ ميڊيا سيل تان جاري ٿيل بيان ۾ فريال ٽالپر سموري سنڌي قوم کي ٿافتي ڏهاڙي جون مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، هتان جا ماڻهو هميشه امن، پيار ۽ ڀائيچاري سان رهيا آهن، سنڌي ثقافت جو پيغام امن، ڀائيچارو ۽ انسانيت سان محبت آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت کان وڌيڪ ڪا ٻي نٿي ٿي سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو