166

ڏهرڪي: کينجهو پوليس ڀرچونڊي پير جو نالو قتل ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ڀرسان 20 ڏينهن اڳ ڀرچونڊي پيرن ۽ ڪوڀرن وچ ۾ ٿيل جهيڙو دوران قتل ٿي ويل شاهنواز ڪوڀر جي قتل ڪيس مان کينجهو پوليس ڀرچونڊي پير ميان منظور جو نالو ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو،کينجهو پوليس ڀرچونڊي پير واري ڌر جي ميان اعظم جي قتل ڪيس مان منير ڪوڀر جو به نالو قتل ڪيس مان خارج ڪيو ويو، شاهه نواز ڪوڀر جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڀرچونڊي پير ميان منظور قتل جو مُک جوابدار آھي، کينجهو پوليس وڏي رشوت عيوض هن جو نالو خارج ڪيو، واقعي کانپوءِ ميان منظور جو نالو ڪيس ۾ نه ڏيڻ لاءِ پوليس بضد هئي جنهن سبب ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪيس داخل ٿيو هو، واضح هي ته کينجهو پوليس ٻنهي ڌرين جي هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽  ڪيسن مان نالا خارج ڪري ڇڏيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو