104

نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، نيپرا طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي جي صارفين لاءِ بجلي 3 رپيا 75 پئسا في يونٽ ٿي وئي آهي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سيپٽمبر جي فيول چارجز جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن جا چارج ڊسمبر جي بلن ۾ ورتا ويندا، نيپرا نومبر ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان سيپٽمبر جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو