108

پاڪستان خطري ۾ آهي دنيا ان کي ٽوڙڻ گهري ٿي پر اسان بچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي:اڳوڻو صدر آصف زرداري

لاهور / ڪراچي ( م ڊ ) اڳوڻي صدر  آصف علي زرداري چيو آهي ته  پاڪستان خطري ۾ آهي دنيا ان کي ٽوڙڻ گهري ٿي پر اسان پاڪستان کي بچائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اظهار هن سومر ڏينهن لاهور ۾ پارتي جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو.  آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان کي بچائينداسين ۽ اڳتي پڻ وٺي وينداسين،  اسان کي ايندڙ نسلن لاءِ پاڪستان کي هڪ ڪامياب ملڪ ڪرڻو آهي. پ پ جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون  ۽ جيل ڀوڳيا، اسان هن ڌرتي جا آهيون ۽ هتي ئي مرنداسين، پر جن کي هن ڌرتي تي رهڻو ئي نه آهي، انهن لاءِ ڪهڙو مسئلو آهي ؟ هن چيو ته نواز  شريف پنجاب ۾ اهڙيون تڪ بنديون ڪيون جيڪي پ پ جي خلاف آهن، پنجاب ۾ گهٽيون، پاڙا، برادريون ڏسي تڪ بنديون ڪيون ويون اسين اهي تبديل ڪنداسين. ملڪ جو ڪو به هنڌ اهڙو نه آهي جتان جي عوام جي دلين ۾ ڀٽو نه رهندو هجي، آئون ته اڳ ئي چوندو هئس ته پنجاب ۾ چونڊون پيپلز پارٽي لاءِ ڏکيون نه آهن پر اسان جون ڪمزوريون آهن جيڪي آڏو اچي ٿيون وڃن. مون کي لاهور واري ننڍي چونڊ ۾ اسان واري اميدوار کي 50 هزار ووٽ ملڻ جي اميد هئي، اسين ووٽرن کي گهرن مان ڪڍون ها ته گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ووٽ ته کڻي وٺون ها. . ان هوندي به توهان سٺو نتيجو ڏنو آهي. ٻي پاسي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيالڪوٽ سانحي جي جوابدارن کي جلد سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سريلنڪا شهري جي خاندان کي انصاف نه مليو ته عالمي سطح تي ملڪ جي بدنامي ٿيندي، هن چيو ته يورپي يونين سميت سڄي دنيا اسان کان نفرت پکڙيندڙ جوابدارن جي خلاف کنيل قدمن بابت سوال پڇي رهي آهي، واقعي کان پوءِ مثبت ملڪي تاثر داءُ تي لڳي چڪو آهي، نمائش ڪرڻ بدران حڪومت کي سخت قدم کڻڻا پوندا، هن چيو ته گذريل مهيني شهيد ٿيل پنجاب پوليس اهلڪارن جي قاتلن جي آزادي جهڙا حڪومتي قدم انتهاپسندن جا حوصلا وڌائين ٿا، ملڪ ۾ نفرت جي خاتمي لاءِ عوام کي انتهاپسندن خلاف تيار ڪندڙ سوچ کي نشانو ڪيو ويو آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن قومي ايڪشن پلان جي سمورن نقطن تي عمل ٿئي ها ته سيالڪوٽ سانحي جهڙو واقعو  نه ٿئي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو