اسلام آباد ( بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت کي سيالڪوٽ واقعي تي ڳڻتي، نيشنل ايڪشن پلان تي پوري ريت عمل نه ٿيڻ جو اعتراف، نئين سر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال جو جائزه اجلاس سومر ڏينهن هتي ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري ، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوا، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سريلنڪا جي شهري پريانٿا ڪمارا جي سيالڪوٽ ۾ قتل تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو ۽ اجلاس جي شرڪت ڪندڙن چيو ته سانحي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته ڪنهن کي به اڪيلي سر يا جٿن جي صورت ۾ قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ اهڙي قسم جي واقعن تي ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. وڌيڪ ته اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ هڪ پڪي حڪمت عملي ٺاهي ويندي ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏياري ويندي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظمعمران خان چيو ته سيالڪوٽ واري واقعي اسان جا ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيا آهن، ذميوار ڏوهارين کي سخت سزا ملڻ گهرجي. اجلاس ۾ ملڪ عدنان جي بهادري کي پڻ ساراهيو ويو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي پريانٿا ڪمارا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سريلنڪا جي شهري پريانٿا جي گهرڀاتين سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. ٻي پاسي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اپوزيشن اڳواڻن شرڪت نه ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان جي پهرين نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو مسودو غور هيٺ آيو. وزيراعظم جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار معيد يوسف ميمبرن کي قومي سلامتي پاليسي ڊرافٽ تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيشنل سيڪيورٽي پاليسي جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو نيشنل سيڪيوٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ ملڪي سلامتي پاليسي جي گائيڊ لائن شامل آهي، ان پاليسي کي وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ن چيو ته اها پاليسي دهشتگردي، پرڏيهي معاملن، گهرو سلامتي، واٽر سيڪيورٽي، اقتصادي، فوڊ، ملٽري سيڪيورٽي، آبادي ۾ واڌ، ڪشمير ۽ افغان معاملن سميت خطي جي ٻين ملڪن سان لاڳاپن تي ٻڌل هوندي، نيشنل سيڪيورٽي پاليسي ۾ لاڳاپيل وزارتون شامل آهن، جيڪي پاليسي تي عمل ڪرائينديون، نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تحت سڀني لاڳاپيل وزارتن کي سيڪيورٽي معاملن تي هدايتون ڏنيون وينديون.
104