96

پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن مهانگائي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، استعيفائون ڏيڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) پي ڊي ايم 23 مارچ تي اسلام آباد ڏانهن مهانگائي مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،  جڏهن ته اسيمبلين تان استعفائون ڏيڻ تي اڃان  اتفاق نه ٿي سگهيو آهي. مهانگائي مارچ جو فيصلو پي ڊي ايم جي سربراهي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اهو اجلاس پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ هڪ ڏينهن اڳ پي ڊي ايم جي  اسٽيرنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ تيار ڪيل اهي سفارشون پڻ پيش ڪيون ويون جن ۾ لانگ مارچ ڪرڻ ۽ اسيمبلين تان استعفا ڏيڻ جي سفارش پڻ ٿيل هئي. پي ڊي ايم جي سربراهي  اجلاس ۾مولانا فضل الرحمان اسيمبلين مان استعفائن تي زور ڏيندو رهيو پر  ن ليگ  استعفائن  توڙي اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي فيصلي کان لنوائيندي رهي. جنهن ڪري اجلاس ۾ استعفائون ڏيڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان چيو ته ملڪ جو ڪو هڪ مالڪ نه آهي، اسين به قوم جو حصو آهيون، 23 مارچ تي مارچ ٿيندو ۽ اڳتي ڏسندا رهو ته ڇا ڇا ٿو ٿئي. هن چيو ته مهانگائي مارچ ڪرڻ کان اڳ سمورن صوبائي سطح تي پي ڊي ايم جا اجلاس ڪيا ويندا، اسيمبلين تان استعفائن جو اعلان پڻ پنهنجي وقت تي ڪنداسين. مولانا وڌيڪ چيو ته هڪ نمائنده سيمينار پڻ ٿيندو، جنهن ۾وڪيل برادريءَ سان مشاورت ڪئي ويندي، جڏهن ته (اڄ)  اڱاري تي پي ڊي ايم جي اسٽيرنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس پڻ گهرايو ويو آهي. هن چيو ته هاڻوڪي حڪومت 2018 جي چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آئي، لانگ مارچ کي مهانگائي مارچ جو نالو ڏنو ويو آهي.  تحريڪ هڪ عمل سان ختم ٿيڻ جو نالو نه پر لاڳيتو جاري رهڻ جو نالو آهي. مڪاني چونڊن ۾حصو وٺنداسين. هن چيو ته سيالڪوٽ جهڙن واقعن جي غير مشروط مذمت ڪريون ٿا، رياست، آئين ۽ قانون کي حرڪت ۾ اچڻو پوندو، اسان جي حڪومت هجي ها ته به اهو چئون ها ته ڪوتاهي ٿي آهي. بندوق ذريعي ڪنهن نظريي جي ڳالهه ڪرڻ جي شروع کان مخالفت ڪري رهيا آهيون، اسان آئين، قانون ۽ جمهوريت جي صف ۾ بيٺا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ناراض نه ٿجو، ميڊيا ۾ پي ڊي ايم جي صدارت ڇڏڻ بابت آيل خبرن تي احتجاج ٿوڪريان، اها غلط خبر هلائي وئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو