114

اليڪشن ڪميشن وزير اعظم عمران خان کي پشاور جَي دوري کان روڪي ڇڏيو

پشاور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وزير اعظم عمران خان کي پشاور جَي دوري کان روڪي ڇڏيو، پشاور جَي ريجنل اليڪشن ڪمشنر وزير اعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته خبر پئي آهي ته اوهان نيا پاڪستان ڪارڊ جَي افتتاح لاءِ پشاور وڃي رهيا آهيو، مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ٿيڻ بعد وزير اعظم ۽ گورنر دورو نٿا ڪري سگهن، اليڪشن ڪميشن طرفان وزير اعظم کي ضابطن جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ جِي تنبيهه، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ٿيندي، وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان پشاور روانو ٿي ويو، وزيراعظم ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت مائڪروهيلٿ انشورنس پروگرام جو افتتاح ڪندو، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر پشاوروزيراعظم عمران خان کي پشاور جو دورو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، بلدياتي چونڊن جي حوالي سان وزيراعظم کي پشاور جو دورو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو