101

سنڌ جي بلدياتي ايڪٽ کي ڪارو قانون چوندڙن جومنهن ڪارو ٿيندو، پاڪستان خلاف نعرا هڻندڙ اسان کي ليڪچر نه ڏين: بلاول ڀٽو

ڪراچي  ( اسٽاف رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته  سنڌ جي بلدياتي ايڪٽ کي ڪارو قانون چوندڙن جو منهن ڪارو ٿيندو، پاڪستان خلاف نعرا هڻندڙ اسان کي ليڪچر نه ڏين . اهڙو اظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته  وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان کي ان جي مقصد جي ابتڙ پيش ڪيو پيو وڃي. اسين پاڪستان زنده باد چوندڙ  ۽ وفاق پرست ماڻهو آهيون، پاڪستان جي خلاف نعرا هڻندڙن ۾ اهڙِي همت ڪيئن ٿي ته اهي اسان کي ليڪچر ٿا ڏين. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آئون جڏهن کان پيدا ٿيو آهيان تڏهن کان ڪراچيءَ  تي دهشتگرد مڙهيل رهياآهن، لساني سياست ڪندڙن سان اهڙي ڪنداسين جو  اهي هميشه ياد رکندا . سياست سڀني جو حق آهي پر متحده باني واري سياست قبول نه ڪنداسين، انتهاپسنديءَ واري سياست ڪندڙن لاءِ پاڪستان ۾ جاءِ نه آهي، عوام الطاف واري سياست تي فل استاپ لڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ جي عوام ان واري سياست رد ڪري ڇڏي آهي. صوبي جو عوام لساني سياست رد ڪري ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته آصف علي زرداري ملڪ جي پوري تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور صدر هو  جنهن پنهنجا اختيار پارليامينٽ کي ڏئي ڇڏيا. اسان  نئين مڪاني قانون هيٺ چونڊيل نمائندن کي مالياتي اختيار پڻ ڏنا آهن.  پي ٽي آءِ  پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجي مرضي جو نظام مڙهيو آهي، سنڌ وارو مڪاني نظام انهن کان گهڻو ڀلو آهي. اسين ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اختيار ڏئي رهيا آهيون، سنڌ جي بلدياتي ايڪٽ کي ڪارو قانون چوندڙن جو منهن ڪارو ٿيندو،  مڪاني چونڊن ۾ پ پ مقبوليت ثابت ڪندي مخالف ڌر  ڊنل آهي انهن کي شڪست نظر پئي اچي ان جون اڃان رڙيون نڪرنديون. مڪاني چونڊن ۾ پ پ مقبوليت ثابت ڪندي. بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته  عمران خان جو هيلٿ ڪارڊ صحت جي نظام تي ڌاڙو آهي، اسين عوام لاءِ 100 سيڪڙو مفت علاج چاهيون ٿا، سنڌ جي اسپتالن ۾ جيري جي ٽرانسپلانٽ ۽ بڪين جي علاج جي مفت سهولت ڏيون پيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو