100

ڪراچي ۾ عورت کي ”خطرناڪ“ اومي ڪرون جي تصديق، رهائشي علائقي ۾ مائيڪرو لاڪ ڊائون

لنڊن/ بيجنگ/ ڪراچي (م ڊ/اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ عورت کي  ”خطرناڪ“  اومي ڪرون  جي تصديق، چين ۾ به وائرس پهچي ويو، برطانيا ۾ هڪ فوت، رپورٽ موجب  ڪراچي ۾ عورت کي  ”خطرناڪ“  اومي ڪرون  جي تصديق ٿي وئي، برطانيا ۾ وائرس سبب هڪ ڄڻو فوت، رپورٽ موجب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ داخل ٿيل 65 ورهين جي عورت ۾ خطرناڪ وائرس اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي، جينوم سيڪونسنگ ذريعي ٽيسٽ ۾ وائرس جي تصديق ٿي، متاثر عورت سان رابطي ۾ رهندڙ 51 ڄڻن جي ٽيسٽ پڻ ڪئي وئي آهي، هوڏانهن نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) موجب ڪراچي سان تعلق رکندڙ عورت ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي، ٽيسٽن جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي،  ٻئي طرف سنڌ جي صحت کاتي چيو آهي ته  متاثر عورت جي ڪورونا پازيٽو هئي، صحتياب ٿيڻ کانپوءِ خانگي اسپتال مان گهر منتقل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن متاثر عورت جي رهائشي علائقي رحيم يار اپارٽمينٽ ۽ سولجر بازار جي ڀرپاسي مائيڪرو لاڪ ڊائون لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اوڀر ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي، ٻئي طرف برطانيا ۾ اومي ڪرون سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اسپتال ۾ داخل آهن، برطانوي وزيراعظم بورس جانسن چيو آهي ته وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. ڪورونا الرٽ ليول 3 مان وڌائي 4 ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف چين ۾ اومي ڪرون جو پهريون ڪيس سٽي تيانجن ۾ رپورٽ ٿيو آهي، متاثر شخص 9 ڊسمبر تي پرڏيهه مان آيو هو، کيس آئسوليشن وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو