95

بلدياتي قانون کي جواز بڻائي لساني سياست کي هٿي ڏني پئي وڃي، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي: پيپلزپارٽي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي عهديدارن پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، پارٽي قيادت تي اعتماد جو پڻ اظهار ڪيو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري صوبائي وزير ۽ پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني چيو ته بلدياتي قانون کي جواز بڻائي لساني سياست کي هٿي ڏني پئي وڃي، عوام کين رد ڪري ڇڏيو آهي، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ وڙهايو ۽ سياست ڪريو جي پاليسي تحت سياست ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته  ايم ڪيو ايم سان ماضي ۾ سياسي طور لاڳاپيل ڪارڪنن ۽ عهديدارن سندن سياست کي رد ڪيو، پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي، پيپلزپارٽي ايندڙ بلدياتي ۽ عام چونڊن ۾وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي، مخالفن جون سازشون ناڪام ٿينديون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو