104

سنڌ جي سيڪيورٽي صورتحال بهتر ڪرڻ ۾ پوليس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي: آرمي چيف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪور هيڊڪوارٽر ڪراچي جو دورو ڪيو، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل محمد سعيد سندس استقبال ڪيو، جنرل قمر جاويد باجوا کي فارميشن جي آپريشنل معاملن تي بريفنگ ڏني وئي، صوبي خاص ڪري ڪراچي سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ پڻ ڏني وئي، آرمي چيف ڪور جي آپريشنل تيارين ۽ اندرين سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو،  فارميشن جي خدمتن، قربانين، دهشتگردي ۽ ڏوهن جي شرح ۾ گهٽتائي جي لاءِ فارميشن ۽ سنڌ رينجرز جي ساراهه ڪئي، آرمي چيف صوبائي سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي يقيني بڻائڻ کي سنڌ پوليس جي اهم ڪردار کي ساراهيو، آرمي چيف چيو ته سنڌ جي سيڪيورٽي صورتحال ۾ بهتري کي يقيني بڻائڻ ۾ پوليس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، آرمي چيف هيڊ ڪوارٽر سنڌ پوليس جو به دورو ڪيو، شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي، جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي، شهيدن جي قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪئي ۽ وارثن کي پاڪ فوج جي هر ممڪن حمايت جو يقين ڏياريو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو