100

وزيراعظم لاءِ اسان جو اميدوار مريم نواز نه پر شهباز شريف آهي: شاهد خاقان

اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مريم نواز نه پر شهباز شريف وزيراعظم لاءِ اسان جو اميدوار آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مريم نواز چونڊون وڙهڻ جي اهل ناهي، ان ڪري وزيراعظم لاءِ اسان جي اميدوار ناهي، چونڊن جڏهن به ٿين اسان جي وزيراعظم جو اميدوار شهباز شريف هوندو، شاهد خاقان عباسي چيو ته  اڪثر ڪري ائين ٿيندو آهي ته جيڪو پارٽي جو صدر هوندو اهو وزيراعظم ٿيندو، شهباز شريف پارٽي جو صدر ۽ اهو ئي اسان جو اميدوار آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو