84

فُٽ پاٿن، پبلڪ پارڪس ۽ رستن تان اڏاوتون هٽائڻ بابت رپورٽ رد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فُٽ پاٿن، پبلڪ پارڪس ۽ رستن تان اڏاوتون هٽائڻ بابت رپورٽ رد ڪري ڇڏي آھي، ڊائريڪٽر ائنٽي انڪروچمينٽ طرفان پيش ڪيل رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ قرار ڏنو ويو آھي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته فُٽ پاٿ، رستن، سيوريج لائنز ۽ پبلڪ پارڪس تان حددخليون هٽائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ برابر آھي، قدم کنيا وڃن، عدالت ڊي سي اوڀر ڪراچي کي تفصيلي رپورٽ سان گڏ طلب ڪري ورتو آھي، ڪراچي ۾ عدالت فُٽ پاٿن، پبلڪ پارڪس ۽ رستن تان اڏاوتون ھٽائڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ ڏيڻ جو چيو ھو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو