94

سپريم ڪورٽ 1996 کان 1999 دوران هٽايل 16 هزار ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ملازم خوشيءَ ۾ لڙڪ لاڙي ويٺا، جذباتي منظر، ملازمن پاران خوشيءَ ۾ مٺايون ورهايون ويون

اسلام آباد (بيورور رپورٽ)سپريم ڪورٽ 1996 کان 1999 دوران هٽايل 16 هزار ملازمن کي بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو  آهي. سپريم ڪورٽ انهن ملازمن جي ڪيس جي نئين سر ٻڌڻي ڪري پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ملازمن کي ڪڍڻ خلاف داخل ٿيل اپيلون مختلف ڪرڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏيو آهن. جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس قاضي امين احمد ۽ جسٽس امين الدين خان تي ٻَڌل 5 رڪني لارجر بينچ فيصلو هڪ جي ڀيٽ ۾چئن جي اڪثريت سان جاري ڪيو. جسٽس منصور علي شاهه اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته گريڊ هڪ کان 7 تائين جي ملازمن کي ترت بحال ڪيو ويندو، گريڊ 8 کان 16 تائين جي  ملازمن کان ٽيسٽ ورتو ويندو جڏهن ته ضابطن جي ڀڃڪڙين يا ڪرپشن سبب نڪتل ملازمن کي بحال نه ڪيو ويندو. نئين سر هلايل ڪيس جو فيصلو هڪ ڏينهن اڳ محفوظ ڪيو ويو هو جيڪو جمع ڏينهن ٻڌايو ويو. عدالت سيڪنڊ ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع  کي آئين جي آرٽيڪل 9 18، 25 ۽ 4 سان ٽڪراءُ ۾ قرار ڏئي ڇڏيو، نظرثاني واريون اپيلون رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو ، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته سيڪنڊ ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع جي آرٽيڪل 8 هيٺ رد ڪجي ٿو، عدالت آرٽيڪل 184 ٿري ۽ آرٽيڪل 187 جو اختيار استعمال ڪري رهي آهي. جسٽس منصور علي شاهه اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو . جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ لکيو ته پارلياماني نظام حڪومت ۾ پارليامينٽ سپريم آهي، جن تاريخن تي ملازمن کي ڪڍيو ويو انهن تي بحال ڪيو وڃي ۽ سندن رهتون به ادا ڪيون وڃن. جسٽس منصور علي شاهه لکيو ته مضبوط جمهوري نظام ۾ پارليامان ئي سپريم هوندو آهي، پارليامينٽ کي هيٺانهون ڏيکارڻ جمهوريت کي هيٺانهون ڏيکارڻ جي برابر آهي، ايڪٽ آف پارليامينٽ جي شق 4 آئين جي ابتڙ آهي، سيڪشن 4 ۽ سيڪشن 10 آئين سان ٽڪراءُ آهي جنهن جو جائرو وٺڻو آهي. ياد رهي ته 16 هزار ملازم 1996 کان 1999 تائين ڀرتي ٿيا هئا جن کي پوءِ ٻي حڪومت ڪڍي ڇڏيو هو. پر  2010 ۾ انهن ملازمن کي ”سيڪنڊ ايمپلائيز ايڪٽ 2010ع “ آڻي بحال ڪيو ويو هو. جن کي وري سپريم ڪورٽ هلندڙ سال ۾ هڪ فيصلي جي ذريعي نيڪالي ڏيڻ جو حڪم جاري ڪڌي ڇڏيو هو. سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف نظرثاني جون اپيلون داخل ڪيون ويون پر عدالت انهن تي ٻڌڻي دوران ان معاملي جي نئين سر ٻڌڻي ڪري پنهنجو تازو فيصلو جاري ڪيو آهي. جڏهن ته نظرثاني جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون آهن. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو