121

پيپلزپارٽي پاران وفاقي حڪومت جي نااهلي خلاف ملڪ گير احتجاج، ڌرڻا، پي ٽي آءِ نااهلي سبب گيس بحران پيدا ٿيو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  جي هدايت  تي پيپلزپارٽي پاران سنڌ ۾ گيس جي هٿرادو بحران، وفاقي حڪومت جي نااهلي، مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي خلاف ملڪ گير احتجاج، ڌرڻا، بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي نااهلي سبب سڄي ملڪ ۾ گيس جو بحران پيدا ٿيو آهي، سڄي ملڪ ۾ گيس جي قيمتن ۾ 300 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، عوام سال جي ٿڌن مهينن ۾ گيس کانسواءِ وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، رپورٽ موجب   ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ پي ٽي آءِ  جي وفاقي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي سبب مهانگائي، بيروزگاري، معاشي بدحالي ۽ سئي گيس جي بندش خلاف پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن تحت ڪراچي جي سمورن  ضلعن ۾ جمعي نماز کان پوءِ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. پاڪستان پيپلز پارٽي اوڀر ضلعي تحت لسٻيله چوڪ تي احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پيپلز پارٽي کانسواءِ ڪو به جماعت گيس لوڊ شيڊنگ خلاف احتجاج نه ڪري رهي آهي جيڪي چوندا هئا ته 50 لک گهر ٺاهينداسين انهن گهر ته نه ڏنا پر سندن حڪومت ۾ گهر ڍاٺاويا آهن، ان موقعي تي احتجاجي مظاهري ک کي اقبال ساند، لالا رحيم، ذوالفقار قائمخاني، آصف خان، شرميلا فاروقي، سردار نزاڪت پڻ خطاب ڪيو. هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽرتي وقار مهدي ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ پيپلز پارٽي ڊسٽرڪٽ ڪورنگي تحت سئي گيس جي آفيس آڏو احتجاجي مظاهري ۽ ڌرڻي کي خطاب ڪيو، حيدرآباد ۾ ضلعي ڪائونسل آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي ۾ پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري مولابخش چانڊيو، پ پ سنڌ جو نائب صدر سرفراز راڄڙ، ضلعي صدر صغير قريشي، علي محمد سهتو، پاشا قاضي، ريشما بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا جڏهن ته ڌرڻي ۾ ضلعي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ مرد توڙي عورت ڪارڪنن به ڀرپور نموني سان شرڪت ڪئي، ٻئي طرف بدين ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو ڊي سي چوڪ بدين تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪيو،  جڏهن ته تقريون ڪندي اڳواڻن  حاجي رمضان چانڊيو ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح معاون خصوصي پير نور الله  قريشي صوبائي وزير اسماعيل راھو  ايم پي اي مير الله بخش ارباب امان الله  ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر محمد نواز چانڊيو حاجي سائين بخش جمالي  ليڊيز ونگ اڳواڻ مير ساجدا ٽالپر غفور نظاماڻي،   انور ملاح،  حاجي مير ملاح  ۽ مير مرتظا جمالي پڻ خطاب ڪيو، ٻئي طرف سانگهڙ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري کي ضلعي صدر علي حسن هنڱورجو، وڏي وزير جي خصوصي صلاحڪار ۽ پيپلزپارٽي يوٿ ونگ جي صوبائي جاويد ناياب لغاري، ڏاڏا شير محمد ڏيرو، صوبائي صلاحڪار رياض شاه خراساني، معشوق چانڊيو ، ايم پي اي شاهد ٿهيم، ايم پي اي ڄام شبير علي، نثار وساڻ، جهانگير جوڻيجو ۽ شڪيل مري خطاب ڪيو، هوڏانهن شڪارپور ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع شڪارپور جي صدرايم اين اي  ميرعابد حسين ڀيو جي قيادت  ڀيا هائوس شڪارپور کان پريس ڪلب احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ پ پ پ ضلع شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري سردارزاه ذوالفقار خان ڪماريو ، انفارميشن سيڪريٽري ناظم الدين ڏھر، پ پ پ اڳواڻ سردار معين خان پهوڙ، قربان سومرو، يعقوب آرائين، زاڪر حسين منڱريو، محمداشرف آرائين، هدايت الله مھر سميت سوين ڪارڪنن ۽ جيالن ۽ جيالين شرڪت ڪئي، ڀيا هائوس کان نڪتل ريلي مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي ايم اين اي مير عابد ڀيو، ذوالفقار ڪماريو ، رئيس ناظم الدين ڏهر، قربان سومرو، ممتاز عرف پپو ڀيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو، ٻئي طرف پيپلزپارٽي ضلع خيرپور جي صدر  ۽ ايم پي اي ساجد علي ٻانڀڻ،پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع خيرپور جي جنرل سيڪريٽري بئريسٽر شيراز شوڪت راڄپر ، پ پ ضلع خيرپور جي اطلاعات سيڪريٽري ايڊووڪيٽ علي شير مڪول ،ايم پي اي منور علي وساڻ جي قيادت ۾ جيلاني ھائوس خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين پر امن ريلي ڪڍي وئي ، ٻئي طرف پ پ پ ضلع دادو جي آفيس کان دادو پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي.جنهن ۾ پ پ پ دادو ضلع جي سينيئر نائب صدر غلام شبير ابڙو،حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري دوست علي جيسر خصوصي طور شرڪت ڪئي.ريلي جي اڳواڻي پيپلز پارٽي تعلقي دادو جي صدر رئيس شمس الدين عرف بابن خان پنهور ڪئي.ريلي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت پ پ پ ليڊيز ونگ جي عورت ڪارڪنن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو  جي حڪم تي پ پ پ تعلقه ڪي اين شاهه پاران  پ پ پ ايم پي اي انجنيئر عبدالعزيزجوڻيجو، پ پ پ تعلقه صدر اعجاز حسين چانڊيو، پ پ پ ضلع اڳواڻ ممتاز جوکيو، اڳوڻي ايم پي اي شرف النساء لغاري، وڏيرو سجاد حسين جوڻيجو، جاويد احمد جوڻيجو، پ پ پ يوٿ ضلع اڳواڻ ميرمرتضي’ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پ پ پ يوٿ ونگ،  پ پ پ ليڊيز ونگ تعلقه صدر نورالنساء کوکر، هاري ڪاميٽي تعلقه صدر محمد اسلم چانڊيو، پ پ پ منارٽي ونگ ضلع صدر هريش ڪمار اوڏ، اڳوڻو تعلقه ناظم ضياء الدين ساريو، مولوي ديدار حسين کوهارو، هاشم لانڊر، قربان سيال، غلام شبير گاڏهي، ايڊووڪيٽ ڪي ڪي ڏيرو، رئيس مشهود الحق گاڏهي، پسند جروار، رشيد شيخ، عاشق لغاري، ممتاز ملاح، زاهد زنگيجو، اشفاق سومرو، سعيد احمد لاکير، اسلم لغاري، ظفرميرلغاري عبدالنبي ٻٻر سميت سوين پارٽي عهديدارن هٿن ۾ پارٽي جهنڊا، بينر، پلي ڪارڊ کڻي ميرحسن چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، هوڏانهن ڏهرڪي پ پ ضلع گهوٽڪي جي صدر مير بابر خان لنڊ جي اڳواڻي ۾ سوين پ پ جي جيالن پاران شهر جي جامع مسجد چوڪ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻڻ بعد جامع مسجد چوڪ کان ڏهرڪي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ضلع گهوٽڪي جي مختلف شهرن ميرپور ماٿيلو، اوٻاوڙو، خانپور مهر،مريد شاخ ۽ ڏهرڪي سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ٻئي طرف مٽياري پ پ پ اڳواڻ سيد غلام محي الدين عرف جاني شاھ حسيني جي اڳواڻي ۾   نيشنل هاء وي تي ڌرڻو هنيو ويو جنهن  ۾ سعيدآباد  تاجپور کيبر کنڊو کان سوين ڪارڪنن  شرڪت ڪئي، هوڏانهن ملير ۾ احتجاج کي خطاب ڪندي صوبائي وزير امتياز شيخ ، ايم پي اي ساجد جوکيو ، ايم پي اي سليم بلوچ ، راجا رزاق ، يوسف بلوچ ، صلاحڪار سلمان عبداللھ مراد پ پ صدر عديل اختر شيخ ، مير عباس ٽالپر ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف ٽنڊوالهيار ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  پ پ پ جا مهانگائي خلاف الڳ الڳ احتجاجي مظاهره ان حوالي سان تعلقه چمبڙ صدر رمضان مري پاران چمبڙ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو ويو جڏهن ته  تعلقه ٽنڊوالهيار صدر غلام قادر دل جي اڳواڻي ۾ خواجه اسٽاپ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي مظاهرو ڪيو ويو، ٻي پاسي سٽي صدر آفتاب جوڻيجو پاران سوين ڪارڪنن سان گڏ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو پڻ احتجاج ڪيو ويو احتجاجي ڌرڻن ۾ حيدرآباد ڊويزنل صدر سيد علي نواز شاه رضوي . ضلعي جنرل سيڪريٽري مولا بخش ٿيٻو سميت پ پ پ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ٻئي طرف جيڪب آباد ۾  احتجاجي جلوس سيڪريٽريٽ آفيس کان ضلعي صدر لياقت علي لاشاري، علي نواز خان پنھور، بھادر مغيري، پ پ ليڊيز ونگ جي ڊاڪٽر فرخنده ڪٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو ريلي ۾ عورت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن نوابشاهه ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري عاجز ڌامراھ ، پ پ جي ڊويزنل صدر ضيا الحسن لنجار،  پ پ ضلعي صدر علي اڪبر جمالي، پ پ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو،  سيد عاطف زيدي، نور نواز زرداري،  چوڌري جاويد اقبال آراعين ۽ سيد امجد حيدر شاھ جي اڳواڻي ۾   پريس ڪلب سامھون  احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو ، ٻئي طرف نوشھرو فيروز پريس ڪلبآڏو سوين ڪارڪنن ايم پي اي سرفراز شاھ، فيروز جمالي، غضنفر راڄپرـ عزيز احمد بھڻ، وسيم راڄپر، خليفوشڪيل ۽ ٻڌل ملڪـ ۽ ٻين  اڳوڻي ۾ ڌرڻو هني، هوڏانهن ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيوويو،   اڳواڻن پير آفتاب حسين شان جيلاني، ايم اين اي شميم آرا پنهور ميمبر صوبائي اسيمبلي سيد ذوالفقار علي شاه، هري رام ڪشورلال، نوراحمد ڀرڳڙي، اڳوڻي ايم پي خيرالنساءُ مغل، ميرحسن، عبدالسلام ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٻئي طرف لاڙڪاڻي  ۾ پ پ صدر نثار احمد کهڙو ۽ جميل احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ شهر جي مک جناح باغ چوڪ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته ڌرڻي ۾ پ پ پ ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، سٽي ڊسٽرڪٽ جي صدر خير محمد شيخ، اعجاز لغاري، انور لهر، سردار محمد نواز شيخ، وقار ڀٽو، مير ماجد علي بروهي، عمران حسن جتوئي، نورالدين ابڙو، غلام رسول ڇڄڙو، عبدالرحمنٰ موريو، ظهير احمد ناريجو، آصف علي عباسي، محمد صديق ڪوريجو، منصور احمد کوکر، عمران شيخ، جبران جوکيو، عطاءُ الرحمٰن مڱڻيجو، منور مغيري، ذوالفقار بروهي سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن پ پ  ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ جي جيالن،جيالين،وڪرن اڳواڻن قمر الدين گوپانگ رياض ابڙو فريال اختر بروهي پنهل سومرو لياقت علي گوپانگ شاھ غازي مغيري اقبال يوسف بروهي ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، هوڏانهن مٺي ۾ ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي, ضلع صدر انجنيئر گيانچند, ايم اين اي پير امير علي شاهه جيلاني, سينيٽر ڪرشنا ڪماري, جنرل سيڪريٽري دوست محمد راهمون, ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي, ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي, جي اڳواڻي ۾ ڪشمير چوڪ مٺي تي ڌرڻو هنيو ويو, ڌرڻي ۾ دادن هنگورجو, ڊاڪٽر منوج ملاڻي, سشيل ملاڻي, الله بخش هنگورجو, محمد خان لنڊ, عيسي راهمون, آدم هنگورجو, سليم راهمون, ڀيرو لال مکي, عمر لنڊ, لال محمد ڏوهوٽ, لال محمد منگريو, ساگر سميجو, نواز باغي, مهيش ڀيل, ارباب خاصخيلي, سورن سنگهه, نواز باغي, اشرف درس, لالا لجپت ڀيل, وڪيل موهن ڀيل, بچل سميجو, ارباب اڪبر عادل, امر اوڏاڻي, سمترا منجياڻي, ڪنور امر, دليپ ننداڻي, ڪندن مالهي, سراج سومرو, پيرومل,  مهتاب ڀيل, ڊاڪٽر اشوڪ مکي, اشوڪ چوهاڻ, علي نواز بجير, اڪبر نهڙي, محمد بخش چانڊيو سميت ٻين ضلعي, تعلقن,ذيلي ونگس جي عهديدارن سميت وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن, جيالن ٿر جي عوام شرڪت ڪئي، ٻئي طرف  عمرڪوٽ ۾ پريس ڪلب آڏو پ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاه، خالد سراج سومرو، حاجي بقا پلي، برھان الدين ڪنڀر، نندلال ميگھواڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ، ٻئي طرف بلڙي شاھ ڪريم شھر جي شھيد بلو پنھور چوڪ تي پ پ ضلعي ٽنڊي محمد خان جي صدر سيد اعجاز شاھ بخاري پ پ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو پ پ تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي صدر ڊاڪٽر محمد ايوب جت جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ڌرڻو.   ۾ پ پ اڳواڻ مير علي رضا ٽالپر پير عاقب جان سرندي پ پ اڳواڻ ۽ رند قومي اتحاد سنڌ جي نائب صدر رئيس زاھد خان رند پ پ اڳواڻ رئيس اعظم خان رند پ پ اڳواڻ رئيس سليمان مگسي ھاري ڪميٽي ضلعي اڳواڻ شھڪ خان رند ڊاڪٽر مير حسن ملاح نظير احمد جلالاڻي حاجي غلام مصطفي جت سابق يوسي چئيرمين عبدالڪريم جت محمد حسن عرف پپو ميمڻ سيد منصوب ڪاظمي سابق چئيرمين يار محمد لاشاري جھانزيب جت سابق ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سيد مجتبي شاھ ڪاظمي جي اڳواڻي ۾ ھزارين ماڻھن جي شرڪت جڏھن ته رئيس زاھد خان رند رئيس اعظم خان رند  ذوالفقار علي رند حاجي غلام مصطفي جت عبدالڪريم جت پ پ اڳواڻ سريش ڪمار آڏواڻي امير سلطان چانڊيو سلال شاھ بخاري داني شاھ  رئيس سليمان مگسي جي اڳواڻي ۾ الڳ الڳ ريلين جي صورت ۾ بلڙي شاھ ڪريم پھچي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ پ پ اڳواڻ سيد شيراز شاھ جي ھدايتن تي قادر شاھ موري ۽ راڌوڙي موري مان وڏي تعداد ۾ جيالن جي پڻ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن گهوٽڪي، سکر، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، دادو، ڪي اين شاهه، ڏهرڪي، قمبر، ڀلڙي شاهه ڪريم، ڪوٽڙي، سيوهڻ، ڪنڊيارو، مورو، ڀٽ شاهه، ۽ ٻين شهرن ۾ وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن احتجاجي مظاهري ڪري ڌرڻو هنيو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ هٿرادو گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، سنڌ کي پنهنجي حصي جي گيس ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رهندو،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو