93

منهنجا ڪي لکين روپين جا خرچ نه آهن اهڙين ڳالهين تي وقت نه وڃايو وڃي:وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جوگهيرو تنگ ڪيو وڃي، شهباز شريف کي پائي پائي حساب ڏيڻو پوندو. اهڙو اظهار هن حڪومتي ترجمانن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته منهنجا ڪي لکين روپين جا خرچ نه آهن اهڙين ڳالهين تي وقت نه وڃايو وڃي. جسٽس (ر) وجيهه الدين جي بيانن کي هروڀرو وڌائي پيش ڪيو ويو پر مخالف ڌر جي ڪرپشن تي ڪير به نه ٿو ڳالهائي. هن وڌيڪ چيو ته مخالف ڌر جي پارٽين ملڪ جي ناڻي جي ڀينگ ڪئي ان تي وڌيڪ ڳالهائڻ گهرجي. شهباز شريف عوام جو پئسو لٽيو، شهباز ۽ حمزه شهباز پيسا وٺي سرڪاري عهدا ورهائيندا رهيا، شهباز شريف کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو، هي مني لانڊرنگ نه ڪن ها ته ملڪ جون حالتون ايئن نه هجن ها.  پاڪستان ۾ دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي آهي، معاشي بهتري کانپوءِ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. وزير اعظم چيو ته ن ليگ ۽ پ پ ان ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي خلاف آهن جو هنن جي جعلي ووٽنگ نه رڪجي وڃي، پر چونڊ نظام ۾ شفافيت جي لاءِ اي وي ايم ضروري آهي. ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته جلد ڊالر جو ايڪسچينج ريٽ گهٽ ٿي ويندو، حڪومت عوام کي هڪ کرب روپين جي سبسڊي ڏيندي.  اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان حڪومتي ترجمانن کي شهباز شريف جي مني لانڊرنگ واري معاملي کي اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جڏهن ته هن سمورن وفاقي وزيرن کي جسٽس وجيهه الدين جي بيانن تي رد عمل ڏيڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو. ٻي پاسي اسلام آباد جي عدالت ۾ خواجا آصف جي خلاف وزيراعظم جي ساک کي نقصان رسائڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيو. وزيراعظم عمران خان عدالت ۾ پنهنجي حلفي بيان ۾ چيو ته فلاحي منصوبي تي ڪوڙا الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي، عدالت کان اميد آهي ته اها اهڙن الزامن تي مثالي فيصلو ڏيندي. واضح رهي ته ن ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف عمران خان تي شوڪت خانم اسپتال جي فنڊن ۾ غير شفافيت جو الزام لڳايو هو جنهن تي عمران خان خواجا آصف جي خلاف 10 ارب روپيا ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي. حلفي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته جن سيڙپڪاري اسڪيمن جي حوالي سان بي بنياد الزام لڳايا ويا اهي سواءِ ڪنهن نقصان جي شوڪت خانم ٽرسٽ واپس وصول ڪيا، شوڪت خانم ٽرسٽ تي ماڻهن جو اعتماد قائم آهي، اهڙن فلاحي منصوبن کي بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳائي سياست لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي، عدالت کان اميد آهي اها اهڙن الزامن تي مثالي فيصلو ڏئي آئينده لاءِ ان روايت کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. عمران خان چيو ته اِي ڪورٽ سان  عدالتي ڪارروائي هلائڻ هڪ سٺو قدم آهي، اهڙيءَ طرح معزز عدالت جو قيمتي وقت ۽ پيسو ٻنهي جي بچت ٿئي ٿي ۽ ڪيس به بروقت اُڪلائي سگھن ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو