92

سماجي ڪارڪن پروين رحمان جي قتل ڪيس ۾ چئن جوابدارن کي ٻه ٻه ڀيرا عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت پروين رحمان قتل ڪيس ۾ ملوث چئن جوابدارن رحيم سواتي، اياز سواتي، امجد حسين ۽ احمد عرف پپو ڪشميري کي ٻه ٻه ڀيرا عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. عدالت 77 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چئني جوابدارن کي دهشتگردي جي ڏوهه ۾ عمر قيد ۽ قتل جي ڏوهه ۾ به عمر قيد جي سزا جڏهن ته سهولتڪار جي الزام ۾ 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، عدالت ڪيس جي هڪ جوابدار عمران سواتي کي صرف سهولتڪاري جي ڏوهه ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، عدالت حقيقتون لڪائڻ تي جوابدار اياز سواتي، امجد خان، احمد خان ۽ عمران سواتي کي 6-6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي. اهڙي طرح عدالت ٻن روپوش جوابدارن شولداد ۽ موسيٰ جا وارنٽ جاري ڪري ٻنهي روپوش جوابدارن جو ڪيس داخل دفتر ڪري ڇڏيو آهي، عدالت چئن جوابدارن کي مجموعي طور تي  57-57 سال قيد جي سزا ۽ 3 لک 75-75  هزار ڏنڊ لاڳو ڪيو آهي. پروين رحمان قتل ڪيس ۾ فريادي جي وڪيل صلاح الدين پنهور ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته عدالتي فيصلي ۾ 8 سال لڳي ويا پر جوابدار آخرڪار پنهنجي انجام تي پهتا، ڪيس 3 ڀيرا هلايو ويو هو، ڪيس ۾ 5 جي آءِ ٽيز جوڙيون ويون هيون، پروين رحمان پنهنجي زندگي ۾ قتل جي خدشن جو اظهار ڪيو هو، بئريسٽر صلاح الدين سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيس جي فيصلي بعد مون کي سيڪيورٽي خدشا آهن آءِ جي سنڌ منهنجي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائي. هن چيو ته هن ڪيس کان پوءِ مون کي سيڪيورٽي بابت خدشا آهن تنهن ڪري منهنجي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو