97

ڪراچي ۾ ”خطرناڪ“ اومي ڪرون جو ٻيو ڪيس ظاهر، مريض قرنطينه مان فرار، ٿرٿلو

لنڊن/واشنگٽن/ڪراچي(م ڊ اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ”خطرناڪ“ اومي ڪرون جو ٻيو ڪيس ظاهر، مريض قرنطينه مان فرار،انتظاميه ۾ ٿرٿلو، رپورٽ موجب ڪراچي ۾  35 ورهين جو شخص برطانيا مان ڪراچي پهتو، ايئرپورٽ تي  ٽيسٽون ڪرڻ کانپوءِ  کيس ڪرونا بعد  ۾ اومي ڪرون جي تصديق ٿي آهي، صحت کاتي متاثر شخص کي ايئرپورٽ کان شاهراه فيصل تي واقع خانگي هوٽل ۾ قائم قرنطينا سينٽر  منتقل ڪيو، جتان هو فرار ٿي ويو، جنهن کانپوءِ انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي، ٻئي طرف  صوبائي گهرو کاتو، پوليس ۽ لاڳاپيل ڊي سي جي سيڪيورٽي جا ذميوار آهن،پر اتي سيڪيورٽي ناهي، جنهن ڪري قرنطينه مان 38 ڄڻا هن وقت تائين فرار ٿي چڪا آهن، خانگي هوٽل ۾ قائم قرنطينا سينٽر ۾ 19 ڄڻا اڃا تائين موجود آهن، ٻئي طرف برطانيا ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا سبب وڌيڪ 146 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 88 هزار 376 ڄڻن ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، ٻئي طرف آمريڪي صدر جو بائيڊن عوام کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس جو اومي ڪرون آمريڪا ۾ تيزي سان پکڙجي سگهجي ٿو، سمورا آمريڪي ڪرونا ويڪسين ۽ بوسٽر ڊوز لڳرائين، هوڏانهن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته 277 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هوڏانهن گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض فوت ٿيو جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7649 ٿي ويو آهي جڏهن ته 15303 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 213 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ هڪ مريض پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو جنهن سان فوتين جو انگ 7649 ٿي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 15303 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 213 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪي 1.4 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6947239 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 477823 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي انهن مان 97.5 سيڪڙو يعني 465863 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 24 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 4311 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 4150 گهرن ۾، 22 آئسوليشن سينٽرن ۽ 139 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 131 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي جن مان 10 کي وينٽيليٽرن تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 213 نون ڪيسن مان 35 ڪراچي ۾ سامهون آيا آهن جن ۾ 16 اوڀر، 13 ڏکڻ، ڪورنگي 3، سينٽرل، ملير ۽ اولهه مان هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي جڏهن ته ٻين ضلعن ۾ قمبر 17، شڪارپور 15، نوشهروفيروز 14، لاڙڪاڻو 12، ڄامشورو، ميرپورخاص، سکر، شهيد بينظير آباد 11-11، ٽنڊو محمد خان ۽ سجاول 10-10، گهوٽڪي 9، حيدرآباد، مٽياري ۽ ٺٽو 7-7، جيڪب آباد 6، ٿرپارڪر 4، بدين، دادو، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار ۽ عمرڪوٽ 3-3 ڪيس آهن.  ويڪسينيشن: ويڪسينيشن ڊيٽا شيئر ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته 15 ڊسمبر تائين 26422791 ويڪسينيشن لڳايون ويون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 188893 ويڪسينون هنيون ويون آهن – مجموعي طور تي 26611684 ويڪسينون لڳايون ويون آهن جيڪي آبادي جو 48.53 سيڪڙو آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو