91

سياري جون موڪلون سنڌ ۾ 20 ڊسمبرکان پهرين جنوري تائين ۽ وفاقي تعليمي اداران ۾ 3 کان 9 جنوري تائين ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ)سنڌ ۾  20 ڊسمبرکان پهرين جنوري تائين تعليمي ادارن ۾ سياري جي  موڪلن جو اعلان، وفاقي تعليمي اداران ۾ 3 کان 9 جنوري تائين سياري جون موڪلون ٿينديون، رپورٽ موجب  تعليم کاتي سنڌ جي ترجمان سعيد ميمڻ واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلن لاءِ تعليم کاتي پاران اڳ ۾ ئي نوٽيفڪيشن جاري ڪيل آهي جنهن مطابق سنڌ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ سياري جون موڪلون 20 ڊسمبر کان پهرين جنوريءَ تائين ٿينديون ۽ سمورا تعليمي ادارا سومر 3 جنوري 2020 کان کلندا، هوڏانهن وفاقي تعليمي اداران ۾ 3 کان 9 جنوري تائين سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ سياري جي موڪلن بابت اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ وفاقي تعليمي ادارن ۾ 3 کان 9 جنوري تائين سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ان جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، اين سي او سي موجب اومي ڪرون دنيا ۾ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي،   اومي ڪرون وائرس سبب سياري جي موڪلن جو نئون شيڊول جاري ڪيو آهي،اسڪول کلڻ رهڻ سان لکين رهيل شاگردن کي ڪووڊ ويڪسين لڳي سگهندي، جن علائقن ۾ ڪوهيڙو آهي اتي موڪلن جو فيصلو صوبائي حڪومتون پاڻ ڪنديون. ٻي پاسي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غير معمولي اجلاس جي موقعي تي ڇنڇر 18 ڊسمبر ۽ سومر 20 ڊسمبر  تي پڻ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو