120

آمريڪا پاران دهشتگردي خلاف پاڪستاني حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي کنيل قدمن جو اعتراف

واشنگٽن(م ڊ)  آمريڪا دهشتگردي خلاف پاڪستاني حڪومت ۽  سيڪيورٽي ادارن جي کنيل قدمن جو اعتراف ڪيو آهي، آمريڪي پرڏيهي وزارت دهشتگردي جي خطرن بابت سالياني رپورٽ جاري ڪئي، مختلف ملڪن کي پيش ايندڙ خطرن جو جائزو ورتو ويو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته  پاڪستان کي 2020 ۾ دهشتگردي جو خطرو رهيو، 2019 جي ڀيٽ ۾ ان سال دهشتگرد حملن ۾ اضافو ٿيو،حملو ڪندڙن ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ داعش پاڪستان دنيا جي گروهه هئا،  عليحدگي پسند گروهن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ حملا ڪيا ويا،   پاڪستان دهشتگردي روڪڻ لاءِ قدم کنيا، افغان ڳالهين جي عمل ۾ تعاون ڪيو، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته 2021 ۾ ميڪسيڪو، افغانستان، يمن ۽ ڀارت صحافين لاءِ برترين ملڪ رهيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو