78

ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي: سراج الحق

اسلام آباد (م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس ۽ بجلي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو آهي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته هڪ وفاقي وزير چوي ٿو گئس ختم ٿي وئي، ٻيو چوي ٿو چانهه ۾ کنڊ گهٽ استعمال ڪيو، ملڪ ۾ سڀ ڪجهه آهي، پر حڪمرانن جي نااهلي جي ڪري اها صورتحال پيدا ٿي وئي، هن چيو ته تيل قيمتون ته عالمي مارڪيٽ ۾ وڌن ٿيون، اٽو،کنڊ ۽ گيهه ڇو مهانگو ڪيو آهي؟، ڪرپشن جي ڪري ملڪ مان برڪتون ختم ٿي ويون آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو