لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف نه رڳو پاڻ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي پر اهو مني لانڊرنگ ڪندڙ ٽولي جو سربراهه پڻ آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهزاد اڪبر چيو ته ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جو چالان عدالت ۾ داخل ڪرايو آهي، چالان ۾ گھڻيون شيون حيران ڪندڙ آهن، چالان موجب شهباز شريف رڳو مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهي پر گروهه جو اڳواڻ پڻ آهي. هن چيو ته سليمان شهباز ان ڪيس ۾ مفرور آهي جڏهن ته چالان ۾ ماسٽر پلاننگ جو مثال به شامل ڪيو ويو آهي. بي نامي اڪائونٽن مان شهباز شريف کي اربين روپيا منتقل ٿيا، ان جا ثبوت به موجود آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايف آءِ اي جي جاچ موجب 28 اڪائونٽس مان 17 هزار ٽرانزيڪشنز ڪيون ويون، انهن ٽرانزيڪشنز جو واسطو کنڊ جي ڪاروبار سان نه آهي، شريف خاندان ايف آءِ اي سان جاچ دوران ڪو به سهڪار نه ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بابت پڇيل سوال تي شهزاد اڪبر چيو ته نواز شريف علاج جي بهاني سان ويو پر هن علاج نه ڪرايو، کيس ڪورونا سبب ويزا ۾ هڪ واڌ ملي. وزيراعظم جي صلاحڪار جو چوڻ هو ته نواز شريف پاڪستان ۾ اشتهاري آهي کيس پاسپورٽ نٿا ڏئي سگھون، هن ويزا ۾ وڌيڪ واڌ نه ملڻ تي اپيل داخل ڪرائي آهي، جيڪڏهن واڌ نه ملي ته کيس برطانيا ڇڏڻو پوندو.
104