98

ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ سوئي گئس جي لائين ۾ ڌماڪي سبب نجي بئنڪ تباهه، 11 ڄڻا فوت ٿي ويا،ڪيترائي ڄڻا زخمي، جاچ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شير شاهه ۾ سوئي گيس لائين ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ خانگي بئنڪ جي عمارت کي نقصان پهتو، پوليس موجب ڌماڪو شير شاهه پراچا چوڪ وٽ گئس پائيپ لائين ۾ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خانگي بئنڪ جي عمارت کي سخت نقصان پهتو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.، ٽراما سينٽر جي سربراهه صابر ميمڻ ٻڌايو ته ڪراچي ڌماڪي ۾ مارجي ويل 8 ڄڻن جا لاش ۽ 13 زخمين کي اسپتال آندو ويو، جن مان 4 جي حالت نازڪ آهي، جڏهن ته 2 وڌيڪ زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا. ٽراما سينٽر جي سربراهه صابر ميمڻ جو چوڻ هو ته جن زخمين کي اسپتال آندو ويو انهن جي جسم جي مٿئين حصي تي زخم هئا.، ڌماڪي کان فوري پوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون. ڪيماڙي ضلعي پوليس ڌماڪي ۾ تخريبڪاري يا دهشتگردي جي ڪنهن به عنصر جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهو حادثاتي طور گئس پائيپ لائين ۾ ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو