103

ڪراچي ۾ سيوريج گئس جو ڌماڪو،نالي مٿان ٺهيل بئنڪ جي عمارت تباهه، 16 ڄڻا فوت، 13 زخمي،سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جاچ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ڪراچيءَ جي علائقي شير شاهه ۾ پراچا چوڪ جي ڀرسان نالي تي ٺهيل بينڪ گئس جي ڌماڪي سبب تباهه ٿي وئي، پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عالمگير جي پيءُ سميت  16 ڄڻا فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مليل ڄاڻ موجب شير شاهه جي علائقي ۾ سيوريج جي بند نالي ۾ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ نالي جي مٿان ٺهيل بينڪ جي پوري عمارت تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ڌماڪي سان ويجهڙ وارين عمارتن کي به نقصان پهتو. زوردار ڌماڪي سان هڪ ڪار اڏامي پري وڃي ڪري، بئنڪ واري عمارت جو پورو  فرش ٽُٽي نالي ۾وڃي  ڪريو. واقعي واري هنڌ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا پڻ پهچي ويا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ توڙي امدادي ٽيمون پڻ پهچي ويون. زخمين ۽ لاشن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. 8 ڄڻا واقعي واري هنڌ ۽ ٻيا اسپتال ۾ پهچڻ کان پوءِ علاج دوران فوت ٿيا، معمولي زخمي علاج کان پوءِ گهر روانا ٿي ويا. واقعي ۾ فوت ٿيلن ۾ پي ٽي آءِ جي ايم اين اي عالمگير جو پيءُ دلاور خان،  منور خان ولد فضل رحمان، ذيشان ولد حسن، محمد يونس ولد غيب خان، انعام الله  شاھ ولد سيد علي ۽ شفيع الله  ولد نواب خان شامل آهن. ڌماڪي بابت پهرين دهشتگردي ۽ گئس لائي جي ليڪ ٿيڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو پر پوءِ نالي ۾ پيدا ٿيل گئس جو ڌماڪو ٿيڻ جي تصديق ٿي.ٻڌايو ويو آهي ته خانگي بئنڪ واري عمارت ڪني پاڻي واري نالي تي غيرقانوني ٺهيل هئي، بئنڪ جي ٻي هنڌ تي نئين عمارت پڻ ٺهي چڪي آهي جنهن ۾ منتقل ٿيڻ کان ڪجهه ئي ڏينهن اڳ واقعو ٿي پيو. ٻي پاسي  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڌماڪي جو نوٽيس ورتو ۽ ڪراچي جي ڪمشنر کي تفصيلي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم به جاري ڪندي چيو ته انڪوائري ۾ پوليس آفيسر کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن هر رخ کان ڇنڊ ڇاڻ ٿي سگهي. هوڏانهن سنڌ جي مڪاني ادارن واري کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه شير شاهه واقعي ۾ زخمي ٿيلن جي عيادت جي لاءِ سول اسپتال جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته شير شاهه ڌماڪو افسوسناڪ واقعو حددخلين خلاف متفقه حڪمت عملي جي گهر ڪري ٿو. هن چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي آبادي واري شهر ۾ نالن، پاڻي، گيس جي گذرڻ وارين ، راندين جي ميدانن، پارڪن ۽ رفاهي پلاٽن تي وڏي عرصي کان قائم غيرقانون اڏاوتن کي سڀ گڏجي مضبوط، منظم ۽ قابل عمل حڪمت عملي ٺاهڻي پوندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. ٻي پاسي نالي تي ڪا به اڏاوت قانوني نه ٿي ٿي سگهي. جتي بينڪ قائم ٿيل هئي اتان نالو به گذري ٿو ڪي ايم سي ذريعن جو چوڻ آهي ته شير شاهه نالي جو زيرو پوائنٽ آهي جنهن هنڌ تي ڌماڪو ٿيو اتي نالو 5 کان 6 فوٽ ويڪرو آهي ذريعن موجب نالي تي ٿيل تعميرات تمام پراڻيون آهن جن جو رڪارڊ نٿو ملي ته اهي اڏاوتون ڪڏهن ٿيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو