93

افغان عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي، دنيا غفلت جو مظاهرو نه ڪري: شاهه محمود

اسلام آباد (م ڊ) افغانستان ۾ بگڙرجندڙ انساني صورتحال تي اسلامي تعاون تنظيم جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغان عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي، دنيا غفلت جو مظاهرو نه ڪري،افغانستان ۾ انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو، ان ڪري دنيا جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس گهرائي آهي،جيڪي ماڻهو افغانستان جي زميني حقيقتن کان واقف آهن اهي چون پيا ته بائيڊن انتظاميه کي پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي، هن چيو ته يورپي يونين مان به افغانستان بابت پاڪستان جي موقف جي حمايت ۾ آواز اچي رهيا آهن، غذا جي کوٽ تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو.هوڏانهن افغانستان جي صورتحال تي سعودي عرب جي تجويز ۽ پاڪستان جي ميزباني ۾ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو 17 هون غيرمعمولي اجلاس اڄ آچر ڏينهن اسلام اباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ شرڪت جي لاءِ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل، اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرلز کانسواءِ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو هڪ وڏو انگ اسلام آباد پهچي ويو آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ سڄو ڏينهن مهمانن جي اچڻ جو سلسلو جاري رهيو. اهو غيرمعمولي اجلاس پارليامينٽ هائوس جي قومي اسيمبلي هال ۾ ٿيندو جنهن جي لاءِ هال کي مسلمان ملڪن جي جهنڊن سان سجايو ويو آهي. اجلاس جو افتتاحي سيشن ساڍي 11 وڳي ٿيندو جنهن کي وزيراعظم عمران خان اهم خطاب ڪندو. ان کانسواءِ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم، سعودي عرب جو پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خطاب ڪندا جڏهن ته شام ساڍي 6 وڳي اجلاس جي پڄاڻي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. گهرو وزارت پاران ان غيرمعمولي اجلاس جي ڪري ڇنڇر ۽ سومر ڏينهن اسلام آباد جي سطح تي مقامي موڪل ڪئي وئي آهي. او آءِ سي جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر ۾ فول پروف سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا آهن. ان اجلاس جي موقعي تي ريڊ زون ۾ عام شهرين جي داخلا بند هوندي. ان دوران ميٽرو بس سروس جي اسلام آباد ۾ شروعاتي ٽي اسٽيشن ۽ سمورا هائيڪنگ ٽريڪس بند رهندا. اجلاس دوران شاهراهه دستور ٽريفڪ جي لاءِ بند هوندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو