90

ڪراچي: جج بدتميزي ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ کي جيل موڪلي ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي جي انت واري عدالت ميڊيا هائوسز تي حملا ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم اڳواڻ گلفراز خٽڪ ۽ معزز جج وچ ۾ ڏند چڪ ٿيڻ بعد معزز جج جوابدار گلفراز خٽڪ جي ضمانت رد ڪندي کيس گرفتار ڪري جيل منتقل ڪرڻ بعد رپورٽ پيش  ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن خلاف ميڊيا هائوسز تي حملن بابت ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران معزز جج ۽ جوابدار گلفراز خٽڪ وچ ۾ گواهه جي بيان تي آڏي پڇا دوران ڏند چڪ ٿي جنهن تي عدالت پوليس کي طلب ڪندي جوابدار گلفراز کي گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. عدالت پاران جوابدار گلفراز جي ضمانت رد ٿيڻ بعد بوٽ بيسن پوليس جوابدار گلفراز خٽڪ کي گرفتار ڪري هٿڪڙيون لڳائي ڇڏيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو