146

تنقيد سان جج جي آزادي متاثر نه ٿي ٿئي پر نامناسب ٻولي کان پاسو ڪرڻ گهرجي: جسٽس اطهرمن الله

اسلام آباد (بيورور رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته عوامي تنقيد سان جج جي آزادي متاثر نه ٿي ٿئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس خلاف توهين جوڳي تقرير جي جوابدار جي ضمانت جي منظوري جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس اطهر من الله 8 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عوامي تنقيد سان جج جي آزادي متاثر نه ٿيندي آهي، جج به تنقيد کان محفوظ نه آهي،  پر بنا سوچيل سمجهيل تنقيد، سخت ۽ نامناسب ٻولي جي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي. فيصلي موجب عدالتن جو فرض آهي ته اهڙي شخص جو منصفاڻو ٽرائل ڪن، جنهن تي عدالتي آفيسر بابت ڏوهه جو الزام هجي. واضح رهي ته مسعود الرحمان عباسي کي جون 2021 ۾ ايف آءِ اي فوجداري ڪيس داخل ڪرڻ کانپوءِ گرفتار ڪيو هو، ڪيس رڪارڊ ٿيل تقرير جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ داخل ڪيو ويو هو. ڪيس پاڪستان پئنل ڪوڊ ۽ پيڪا ايڪٽ جي قلمن تحت شهري محمد سهيل جي دانهن تي داخل ڪيو ويو. تحريري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڪندڙ شهري اهو الزام هنيو ته بدنامي ٿي آهي ۽ ساک کي نقصان پهتو آهي، ايف آءِ اي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ جاچ آفيسر شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ جي حق ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو، ان ڳالهه کي رد نٿو ڪري سگهجي ته ايف آءِ اي ملڪ جي اعليٰ ترين عدالتي آفيسر خلاف بيانن سان متاثر ٿي سگهي ٿي. فيصلي ۾ مسعود الرحمان عباسي کي 5 هزار رپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو