باجوڙ ايجنسي (م ڊ) باجوڙ ۽ اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ دهشتگرد ڪمانڊر غفور عرف جليل سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل خبر مطابق باجوڙ م ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران دهشتگرد غفور عرف جليل جيڪو مولوي فقير محمد جو ويجهو ساٿي هو ۽ ڪيترن ئي دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هو مارجي ويو. جڏهن ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار پڻ مارجي ويا. اهڙي طرح اتر وزيرستان ۾ بويا واري هنڌ تي ڪليئرنس آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز هٿان 2 دهشتگرد مارجي ويا. اهي دهشتگرد محمد خيل ڳوٺ ويجهو ويزده سر طرف ڀڄي وڃي رهيا هئا ته فائرنگ ۾ مارجي ويا.
112