115

افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ مسلمان ملڪ ڪردار ادا ڪن: شاھه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ مسلمان ملڪن کي ڪردار ادا ڪرڻ جِي اپيل ڪئي وئي آھي، اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کي خطاب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان ۾ هزارين معصوم ٻارن سوڌو اڌ کان وڌيڪ آبادي غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چيو تھ ورلڊ فوڊ پروگرام به افغانستان ۾ غذائي کوٽ جي نشاندهي ڪئي آهي، افغانستان جون بدترين معاشي حالتون دنيا جو ڌيان گُهرن ٿيون، اهو بحران سموري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿو، افغانستان جي بهتري لاءِ پاڪستان هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو، او آءِ سي اجلاس گهرائڻ جو مقصد افعانستان جي صورتحال کي اجاڳر ڪرڻ آهي، افغان عوام کي پيغام ڏيڻ گهرون ٿا ته اسان توهان لاءِ متحد آهيون.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو