ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ شير شاهه جي خانگي بئنڪ ۾ ڌماڪي جو ڪيس عمارت جي مالڪن ۽ نالن تي غير قانوني اڏاوتون ٺاهيندڙن خلاف حڪومتي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل سائوٿ زون پوليس شرجيل کرل موجب ايس ايڇ او انسپيڪٽر زوار حسين جي فرياد تي ڪياماڙي ضلعي جي سائيٽ بي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر نمبر 449/21 داخل ڪئي وئي آهي، پوليس موجب جوابدار خلاف قلم 322، 337، 427 ۽ 34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سيڪشن 337 تحت شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪرڻ جا ذميوار آهن، پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 427 تحت جوابدارن تي شهرين کي مالي نقصان پهچائڻ جو به الزام آهي، فريادي جي بيان موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٻڌايو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن نالي ۾ قدرتي گئس جمع ٿي وئي، پوليس ذريعن موجب ايف آءِ آر ۾ بينڪ انتظاميا کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي پر جاچ دوران بينڪ انتظاميا تي الزام ثابت ٿيڻ جي خدشي سبب ايس ايڇ او کي فريادي بڻايو ويو، ڪراچي ۾ شير شاهه جي خانگي بئنڪ ۾ ڌماڪي جو ڪيس عمارت جي مالڪن ۽ نالن تي غير قانوني اڏاوتون ٺاهيندڙن خلاف حڪومتي شڪايت تي داخل ڪيو ويو آهي، ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل سائوٿ زون پوليس شرجيل کرل موجب ايس ايڇ او انسپيڪٽر زوار حسين جي فرياد تي ڪياماڙي ضلعي جي سائيٽ بي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر نمبر 449/21 داخل ڪئي وئي آهي، پوليس موجب جوابدار خلاف قلم 322، 337، 427 ۽ 34 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار سيڪشن 337 تحت شهرين کي قتل ۽ زخمي ڪرڻ جا ذميوار آهن، پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڪشن 427 تحت جوابدارن تي شهرين کي مالي نقصان پهچائڻ جو به الزام آهي، فريادي جي بيان موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٻڌايو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن نالي ۾ قدرتي گئس جمع ٿي وئي، پوليس ذريعن موجب ايف آءِ آر ۾ بينڪ انتظاميا کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي پر جاچ دوران بينڪ انتظاميا تي الزام ثابت ٿيڻ جي خدشي سبب ايس ايڇ او کي فريادي بڻايو ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪيس جي جاچ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي، سائيٽ بي پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر زوار حسين موجب واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ تائين 15 ڄڻا مارجي ويا هئا پر 2 وڌيڪ لاش مليا آهن، جنهن بعد واقعي ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 11 زخمي ٿي پيا آهن.
107