85

اڳوڻي صدر آصف زرداري جو سئوٽ آفتاب احمد زرداري لاڏاڻو ڪري ويو

نواب شاهه(بيورو رپورٽ)اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو سئوٽ، نوابشاهه جي سياسي شخصيت رئيس آفتاب احمد زرداري دل جو دورو پوڻ سبب 60 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، آفتاب احمد زرداري کي اوچتو دل جو دورو پيو، کيس فوري طور تي نوابشاھ جي پي ايم سي اسپتال پھچايو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، آفتاب احمد زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو سڳو سئوٽ ھو، آفتاب احمد زرداري محمد ھاشم زرداري جو وڏو فرزند ھو، سندس اوچتي وڇوڙي جي ٻڌيندي پ پ جيالا توڙي زرداري برادري جا ماڻهو زرداري هائوس پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، آفتاب احمد زرداري علائقي ۾ عام ماڻھن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو هو، عام ماڻھن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندو ھو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت فريال ٽالپر ۽ ڊاڪٽر عزرا پيچوھو جو مٿس اعتماد هوندو هو، ھن سڄي حياتي پ پ لاءِ وقف ڪئي، آصف علي زرداري جي تازي نوابشاهه جي دوري ۾ ھر ھنڌ ساڻس گڏ رھيو، آفتاب احمد زرداري نوابشاهه عشر و زڪوات جو ضلعي چيئرمين پڻ رھيو، جڏھن ته  پ پ جي ٽڪيٽ تي ضلع ڪائونسل جو ميمبر به رھيو، علائقي ۾ مختلف برادرين جي تڪرارن جي خاتمي ۾ پڻ اھم ڪردار ادا ڪيائين، ھو غريبن جو ھڏ ڏوکي سميت يارن جو يار ھو، مرحوم ڪنھن کي به  ڏک تڪليف ۾ اڪيلو ٿيڻ نه  ڏنو، مرحوم جو مڙهه اڄ جنازي نماز بعد اباڻي قبرستان بالو جا قبا ۾  مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. سندس وڇوڙي تي علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو